الشرقي صوبو (انگريزي ٻولي: Eastern Province؛ عربي ٻولي: المنطقة الشرقية) سعودي عرب جو اوڀر وارو صوبو آهي جنهن جون سرحدون ڪويت، قطر، گڏيل عرب امارات، اومان ۽ يمن سان لڳن ٿيون. اندر جي طرف رياض صوبو ۽ نجران صوبو آهي. هن علائقي جي ايراضي 7,10,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سال2004ع ۾ 33,60,157 جي آبادي هئي. صوبائي گاديءَ جو هنڌ دمام آهي ۽ دمام کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻيو وڏو شهر الخبر آهي، جيڪو هڪ ڪاروباري مرڪز ۽ بندرگاهه آهي. صوبو بين الاقوامي ٽرئفڪ لاءِ ڪنگ فهد ڪازوي (سمند تی پل) ذريعي بحرين سان ڳنڍيل آهي. اھم شھرن م الاحساء، القطيف، الخفجي، البقيق، الجبيل، حفر الباطن، راس تنورا، النيريه ء القرية العليه شامل آهن. الشرقي صوبی جا اڪثر رهواسي سني ۽ ڪجھ شيعا آهن.

الشرقي صوبو
منطقہ الشرقيہ
صوبو
الشرقية
سعودي عرب جي نقشي تي الشرقي صوبو
سعودي عرب جي نقشي تي الشرقي صوبو
گاديء جو ھند دمام
بورو (انتظامیا) 11
حڪومت
 • گورنر سعود بن نایف
 • نائب گورنر شھزادو جلووی بن عبدالعزیز بن مساعد[1]
پکيڙ
 • ڪل 672,522 ڪ.م2 (259,662 ميل2)
آبادي (2010)
 • ڪل 4,105,780