الارقم (انگريزي: Al Arqam ) يا دار الارقم(انگريزي: Dar ul Arqam ) ملائيشيا جو ھڪ اسلامي مذھبي فرقو جنهن جو بنياد شيخ اشعري محمد التميمي 1968ع ۾ وڌو ھو ۽ 21 جولاء 1994 ۾ ملائيشيا جي وفاقي حڪومت بندش وجھي ڇڏي ۽ ان جي باني اشعري محمد ۽ ان تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي ٿائيلينڊ جي حڪومت بين الاقوامي سڪيورٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ملائيشيا جي حوالي ڪري ڇڏيو.ھن فرقي جي عالمي اخوان گروپ وارين ڪمپنين سان ويجهڙائپ ھئي [1] بندش بعد ھن گروپ کي وڏي پيماني تي ميڊيا جي توجھ ملي وئي ۽ اھو فرقو اخوان ڪثرت ازواج ڪلب [2] فرمانبردار زالن وارو ڪلب [3]جي ڪري تنقيد جو مرڪز پڻ ٿي ويو. [4] ان فرقي جا ڪجهه تازا مضمون ملائي ٻولي ۾ ھاريئن ميٽرو سائيٽ ۾ ڇپيا آهن.[5] اشعري محمد جي زال خديجه اعم جي ٻن ڪتابن تي مذھبي جوازن جي بنياد تي بندش پڻ پئي آهي جن ۾ ان اھا دعوا ڪئي آھي تہ اشعري محمد کي خدا معجزا عطا ڪيا آهن.

الارقم
بين الاقوامي مذھبي آزادي تي آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ جنھن ۾ الارقم تي بندش جي مخالفت ڪئي وئي
بين الاقوامي مذھبي آزادي تي آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ جنھن ۾ الارقم تي بندش جي مخالفت ڪئي وئي
باني
اشعري محمد
علائقا نمايان آبادي سميت
ملائيشيا
مذھب
سني اسلام
ٻوليون
ملائي

فرقي جو نالو سنواريو

ملائيشيا ۾ ھڪ پراثر اسلامي جاڳرتا جي تحريڪ الارقم جي قيام کان آڳ شيخ اشعري محمد التميمي ڪوالالمپور ۾ ھڪ جاء تي پنھجي پوئلڳن کي قرآن ۽ اسلام جي تعليم ڏيندو هيو. ان جاء کي ھن دارالاقم نالو ڏنو ھيو جنھن جي معنيَ آهي ارقم جو گھر[6]. ان نالي جو پسمنظر مڪي ۾ اسلام جي شروعات مھل مشھور صحابي الارقم ابن ابي الارقم جو گھر آھي. ان صحابي حضرت محمد ﷺ کي پنھنجي ان گھر ۾ پناه ڏني ھئي ۽ اسلام جي شروعات ۾ کوڙ صحابي ان گھر ۾ مسلمان ٿيا ھئا[6].

گروپ جا رڪن سنواريو

1980 واري ڏھاڪي ۾ ھن گروپ جي رڪنن جو تعداد 10000 ٿي چڪو ھيو ۽ لڳ ڀڳ ھڪ لک انھن جا حامي هئا جيڪو ان گروپ جي منظم تبليغ جو نتيجو ھيو[6]. دارالاقم جون شاخون ملائيشيا کان ٻاھر پوري ڏکڻ اوڀر ايشيا، چين، آسٽريليا، وچ اوڀر ۽ آمريڪا تائين قائم ڪيون ويون[6].

مالي وسيلا سنواريو

ھن گروپ مالي وسيلا وڌائڻ لاء ڪاميابي سان زرعي ۽ واپاري پراجيڪٽن ۾ سيڙپڪاري ڪري الارقم گروپ آف ڪمپنيز ٺاھيو جنھن جا 400 کان بہ وڌيڪ ڌنڌا ھيا[6].

بندش ۽ نتيجا سنواريو

ھي گروپ ملائيشيا جي امير طبقن ۾ پنھنجو اثر وڌائي ويو. ان جي مذھبي ۽ ڌنڌن ۾ ڪاميابي ان خلاف سياسي مخالفت کي جنم ڏنو. ملائيشيا جي وزيراعظم مھاتير محمد جي 1998 واري حڪومت ان جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي[6]. 1994 ۾ ملائيشيا جي رياستي اداري نيشنل فتوا ڪائونسل ھن گروپ کي ھڪ گمراھ عقيدي وارو گروھ قرار ڏنو. شيخ اشعري محمد خدا ۽ نبي سان سڌو سئون رابطي ۾ ھجڻ جو دعويدار ھيو گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي مقدمي کان سواءِ بند رکيو ويو[6]. ان جي ٽيليويزن تي اعترافي بيان ڪرائڻ بعد ھن کي آزاد ڪري پنھنجي گھر ۾ ڏھ سال نظربند ڪيو ويو[6]. 1994 ۾ ھن تحريڪ تي بندش لڳائي وئي پر ان کي رفقاء ڪارپوريشن جي نالي سان ملٽي نيشنل ڌنڌي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جنھن ۾ بيمار شيخ اشعري محمد کي چيف ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي[6]. 2005 ۾ شيخ اشعري محمد ھڪ ڪتاب اسلامي تھذيب جي نالي سان لکيو جنھن م ھن ملائيشيا جي نئين وزيراعظم عبدالله احمد بداوي جي حمايت ڪئي[6].

حوالا سنواريو

  1. "Al-Arqam founder Ashaari dies (Updated)". thestar.com.my. وقت 16 May 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 July 2011. Global Ikhwan  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Gooch, Liz (6 January 2010). "Malaysian Polygamy Club Draws Criticism". New York: NYTC. ISSN 0362-4331. Archived from the original. خطا error: حوالا ساچن جي استعمال دوران If you specify |archiveurl=, you must also specify |archivedate= . https://web.archive.org/web/20130617201025/http://www.nytimes.com/2010/01/06/world/asia/06malaysia.html?hp. Retrieved 21 July 2011. "Global Ikhwan" 
  3. "Preaching good sex, Muslim-inspired Obedient Wives Club spreads in Asia". blogs.reuters.com. 26 June 2011. Archived from the original on 4 July 2011. https://web.archive.org/web/20110704163424/http://blogs.reuters.com/faithworld/2011/06/26/preaching-good-sex-muslim-inspired-obedient-wives-club-spreads-in-asia/. Retrieved 21 July 2011. "Obedient Wives Club" 
  4. "Obedient Wives Club controversy used for publicity: Mashitah". mmail.com.my. حاصل ڪيل 21 July 2011. [مئل ڳنڍڻو]
  5. http://www.emedia.com.my/a/r2?src_term=arqam (link dead) آرڪائيو ڪيا ويا 28 July 2007 at Archive.is
  6. 6.00 6.01 6.02 6.03 6.04 6.05 6.06 6.07 6.08 6.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages#184