اقتصادي سهڪار جي تنظيم

ايشيائي سياسي ۽ اقتصادي بين الحڪومتي تنظيم

اقتصادي سهڪار جي تنظيم يا ايڪنامڪ ڪو آپريشن آرگنائيزيشن (ECO or Economic Cooperation Organization) جي تنظيم جنوري 1985ع ۾ قائم ٿي هئي. يورپي يونين جي نموني تي ٺهيل هن تنظيم جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصاديات، سياست ۽ اچ وڃ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ آهي. شروع ۾ پاڪستان، ايران ۽ ترڪي هن جا ميمبر هئا، پر پوءِ 1992ع ۾ آذربائيجان، ڪرگيزستان، قزاخستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ اُزبڪستان به هن تنظيم ۾ شامل ٿيا. اصل ۾ هيءَ ترقيءَ لاءِ علائقائي سهڪار يعني (Regional Cooperation for Development - R.C.D) جي نالي ۾ اڳ قائم ڪيل تنظيم جو نئون نالو آهي. تنظيم کي باقاعدي ۽ رسمي شڪل ۾ جون 1990ع ۾ اسلام آباد منجهه ڪوٺايل ”ايڪو“ وزارتي ڪائونسل ۾ (اڳ موجود) ”ازمير معاهدي“ ۾ ترميم ڪندي ڏني ويئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ECO Economic Cooperation Organization | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-10-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-18