افسانا ڀرڳڙي(Afsana Bhurgri) هڪ انسان دوست، سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر ۽ سنڌي عورت هئي. هن سماج ۾ تبديلي آڻيندڙ جو ڪردار نڀايو. هوءَ پيشي جي لحاظ کان اينسٿيزيا ڊاڪٽر هئي ۽ سنڌ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن برطانيه جي نائب صدر[1][2]۽ سوشل ميڊيا گروپ ”سنڌ سرتيون“ جي باني ۽ انٽرنيشنل سنڌي وومين آرگنائيزيشن (ISWO) جي ڀاتي هئي.[3]

افسانا ڀرڳڙي
پيدائش لاڙڪاڻوسنڌ
وفات يوڪي
قوميت پاڪستاني
پيشو ڊاڪٽر سوشل ورڪ
شھرت جو ڪارڻ سماجي ڪم

شروعاتي جيون ۽ وديا سنواريو

هوءَ لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ پيدا ٿي. والد جي لاڏاڻي سبب سندس ننڍپڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريو. هن ابتدائي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪئي، ۽ اعليٰ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ زبيده ڪاليج مان انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن ايل ايم سي ميڊيڪل ڪاليج جي داخلا جو امتحان ڏنو ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ان وقت ۽ هاڻ لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو) مان گريجوئيشن ڪئي. هن عطا وقاصي سان شادي ڪئي، کين هڪ ڌيءَ آهي. هن جي مڙس کي انگلينڊ ۾ تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي ۽ سندن ڪُٽنب انگلستان ڏانهن هليو ويو، هوءَ پنهنجي موت تائين اتي رهي.

ڪيريئر سنواريو

هن حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ھائوس جاب شروع ڪئي ۽ بعد ۾ انگلستان ۾ نوڪري ڪندي رھي.

سماجي سيوا سنواريو

ڊاڪٽر افسانا فيس بوڪ تي سنڌ سرتيون گروپ قائم ڪيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي[4]. هن خاص ڪري سنڌ جي عورتن لاءِ مختلف سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي تقريبون منعقد ڪيون.

2019 ۾، سندس سھائتا سان سنڌي وڪيپيڊيا ڪميونٽي ۽ سنڌ سرتيون جي سھڪار سان حيدرآباد، سنڌ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا بابت آگاهي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا برادري جي رضاڪار ڀاتي جوڳي اسد راڄپر پاران وڪيپيڊيا بابت آن سائٽ ۽ آن لائين ٽريننگ سيشن منعقد ڪيو ويو.

پرلوڪ پڌارڻ سنواريو

ڊاڪٽر افسانا 15 مئي 2019ع تي پرلوڪ پڌاري وئي[1]۽ کيس انگلينڊ ۾ دفن ڪيو ويو.[5]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 waqasi. "Vice President of SDAUK passed away on 15th May 2019". Sindh Doctors Association UK. حاصل ڪيل 2022-05-15. 
  2. "سندھ ڈاکٹرز ایسوسی ایشن، یو کے‘‘ کے تعاون سے تھیلیسیمیا کے متعلق آگہی سیمینار کا انعقاد". Uni-vision News Pakistan. حاصل ڪيل 2022-05-15. 
  3. "simplestyle_banner - a page". www.iswo.org.uk. حاصل ڪيل 2022-05-15. 
  4. "حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي مچ ڪچهري، سگهڙ عورتن جي شرڪت". Online Indus News. حاصل ڪيل 2022-05-15. 
  5. "Sindhi Doctor afsana bhurgri dies in London". Humsari. حاصل ڪيل 2022-05-15. 

ٻاھريان ڳنڍڻا سنواريو