افائين جاميٽري يا قرابتي جاميٽري (انگريزي: Affine geometry) (عربي: ھندسه تآلفيه ) متوازي لڪيرن جي علم جو نالو آهي. متوازي لڪيرون (parallel lines) اھڙي خصوصيتن وارو خيال آھي جيڪو ھر ميٽرڪ کان آزاد آهي. تنھن ڪري پلي فيئر وارو مسلمو (Playfair's axiomm) ھن جاميٽري جو بنياد آھي.

افائين جاميٽري ۾ C1 ۽ B1B2 سان توزن رکندڙن مان لڪير ڳولڻ لاءِ، B2 ۽ B1C1 سان توازن رکندڙن مان لڪير ڳولڻ لاءِ پلي فيئر وارو مسلمو (Playfair's axiom) استعمال ٿيندو آهي

ان جاميٽري وارو علم شڪلين جي اھڙين خصوصيتن جي مطالعو آھي جيڪي قرابتي ڦيرگهير يا افائين ڦيرگهير جي باوجود برقرار رھنديون آھن[1]. مثال طور: قرابتي ڦيرگهير سڌين لڪيرن کي برقرار رکي ٿي، ۽ ٻن نقطن وچ ۾ فاصلن جي شرحن، متوازي لڪيرن واري خيال لڪيري حصن جي درمياني نقطن ۽ لڪيري ڇھاء (tengency) ھن جاميٽري جا اھم خيال آھن[1]. پر دائري جو خيال ھن جاميٽري ۾ شامل نہ ھوندو آھي[1]. ھن جاميٽري جو روح روان سوئٽزرلينڊ جو رياضيدان ليونارڊو اوئلر (Leonardo Euler) ھيو جيڪو 1707ع ۾ ڄائو ۽ 1783ع ۾ وفات ڪيائين[1]. ھن جاميٽري ۾ اقليدس جي مفروضن مان رڳو مفروضا نمبر 1, 2 ۽ 5 قابل قبول ھوندا آھنا[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# 6-7