اعواڻ
اعواڻ هڪ ذات جو نالو آھي. اڪثر اُتر سنڌ ۾ هن ذات جا ماڻهو رهندڙ آهن. هيءَ ذات اصل پنجاب جي آهي. اٽڪ ۽ تَنول واري خطي ۾ اعواڻ خطو آهي، جنهن جي ٻوليءَ کي اعواڻڪي چوندا آهن، جيڪا لهندا جي شاخ آهي.
هن ذات مان شڪارپور جي مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار خاتون ”ثميره زرين“ ٿي گذري آهي.
اعواڻ پاڻ کي پٺاڻن سان ملائيندا آهن، ڇوتہ اُنهن ڪافي وقت افغانستان جي غزني ۽ هرات جي علائقن ۾ پڻ گذاريو آهي. بعض عالمن جو چوڻ آهي ته انهن جو اصل وطن روسي ترڪستان جي بلخ جو علائقو هو، جتان تاتارين کين نيڪالي ڏيئي ملڪ تي قبضو ڪيو هو، تڏهن اهي هرات پهتا هئا، جتان سن 1526ع ڌاري بابر بادشاهه جي فوجن ۾ شريڪ ٿي اعواڻ سنڌ ۾ پهتا ۽ سڪيسر (پنجاب) ۾ رهي پيا.
کوکر ۽ کٿڙ، اعواڻن جا زورآور قبيلا آهن. سي ڪوه سليمان ۽ ڪوھ سفيد جي دامن ۾ آباد آهن. ديري اسماعيل خان ۾ اعواڻن جو وڏو تعداد آباد آهي. هي نهايت جنگجو ۽ جفاڪش قبيلو آهي. پنجاب ۾ سندن گڏيل آباديون آهن، پر سنڌ ۾ اعواڻ انفرادي حيثيت ۾ رهن ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ اعواڻ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع