اصحاب ڪھف يعني ”غار وارا اصحاب“، جن دقيانوس بادشاھ جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي عقيدي جي حفاظت خاطر هڪڙيءَ غار ۾ پناڻ ورتي هئي. مشھور جاگرافيدان يعقوب ابن عبدالله حمويءَ (1179_ 1229ع) پنهنجي ڪتاب ”مجمع البلدان“ ۾ لکي ٿو تہ اصحاب ڪھف واري غار، روم جي هڪڙي شھر ”البس“ ۾ هئي. اُهي تعداد ۾ ست ڄڻا هئا، جيڪي انهيءَ غار ۾ صدين تائين سُتا پيا هئا (قرآن حڪيم ۾ آهي تہ انهن غار ۾ ٽي سؤ نَوَ سال آرام ڪيائون) انھن سان گڏ هڪڙو ڪتو بہ هو، جنهن کي ’قطمير‘ سڏيندا هئا.[1]