اشوني ڀاوي
اشوني ڀاوي (انگريزي: Ashwini Bhave) هڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آهي. جنهن هندي فلمن کانسواءِ مراٺي فلمي سيريلز ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي. هن جي پيدائش ۽ پرورش انڊيا ۾ ٿي. هاڻي هيءَ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ رهي ٿي.[1]
اشوني ڀاوي | |
---|---|
پيدائش | مئي 7, 1972 ممبئي، مهاراشٽر، هندستان |
پيشو | اداڪارا |
جيون ساٿي | ڪشور بوپارڊيڪر |
ڪيريئر
سنواريوڀاوي پهرئين ڀيرو ٽيليويزن تي هڪ هندي سائنس فڪشن سيريل انتارِيڪش ۾ نظر آئي. پوءِ هن وڏن مراٺِي فلمي ستارن جهڙوڪ لڪشميڪانت بردي، اشوڪ سراف، سچن ۽ وڪرم گوکلي جي سامهون مراٺي فلمن جهڙوڪ دڌاڪيباز، اشي هي بنوا بنوي ۽ ڪالات نيڪالات ۾ مکيا هيروئن طور ڪم ڪيو.
سندس فلمي ڪيريئر 40 کان وڌيڪ فلمن تي وِکِريل آهي، جنِ ۾ ڪلات نڪالات، آهوتي، اشي هي بنوا بانوي، ڀوراوي، پُروش ۽ آر ڪي پراڊڪشن پاران فلم هينا جهڙين فلمن ۾ هن تنقيدي طور مڃِيل ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.[2][3] تنهن کان پوءِ، هن ٻين هندي فلمن ميرا ڪا موهن، هني مون، سينڪ ۽ بنڌهن ۾ اداڪاري ڪئي. ڀاوي ٻيهر ٽيليويزن ۽ مراٺي فلمن ڏانهن مُنهن ڪيو. 1993 ۾، هن ڪيشو جي هدايت ڪاري ۾ ڪاناڊا ٻولي جي فلم وشنو-وجايا ۾ ڏکڻ هندستاني اداڪار ڊاڪٽر وشنوورڌان، اڪشي ڪمار (سينڪ ۾ جنهن سان هيءَ ساٿي اداڪار هئي)، اشوتوش رانا ۽ ٻين اداڪارن سان گڏ پرفارم ڪيو.[4][5] 1997 ۾، هن وي.منوهر جي هدايت ڪاري هيٺ ٺهندڙ ڪناڊا ٻولي جي فلم رنگيناهلياج رنگادا رانگونوادا ۾ اداڪاري ڪئي هئي جنهن ۾ ڪناڊا ٻولي جي هڪ ٻئي ليجنڊري اداڪار اڳوڻو ميمبر پارليامينٽ ۽ هاڻوڪو ڪرناٽاڪا رياست جو هائوسنگ منسٽر ڊاڪٽر امباريش ۽ راميش اروند سان گڏ هن پڻ اداڪاري ڪئي هئي.
ڀاوي هڪ مشهور مراٺِي اسٽيج ناٽڪ لگناچي بيدي (شادي جون هٿ ڪَڙِيون) ۾ پڻ مُکيا ڪردار ادا ڪيو آهي. 1993 ۾، هن يش چوپِڙا فلم پرمپارا ۾ سيف علي خان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. پوءِ هن هڪ ٽيليويزن ميگا سيريل يوگپوروش ۾ ڪم ڪيو.
حيات نامو
سنواريواشوياني 7 مئي تي مراٺي ڳالهائيندڙ خاندان ۾ پيدا ٿي. هن جو خاندان ڪوڪناسٿا برهمڻ آهي.[6][7]
اشونيءَ جو پرڻو هڪ سافٽويئرانجنيئر ڪشور بوپارڊيڪر سان ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻئي سان فرانسسڪو رهڻ لڳا. سال 2007 ۾ هيءَ فلم ٺاهيندڙ (فلمساز) جي حيثيت سان ٻيهر فلم صنعت ۾ واپس موٽي آئي ۽ مراٺي فلم ڪداچت ۾ اداڪاري ڪيائين.
فلمن جي فهرست
سنواريواشونيءَ اڪشي ڪمار سان گڏ هندي فلمن زخمي دل (1994)، سينيڪ (1993)، قائدا قانون (1993)، اشانت (1993) فلم ۾ ڪم ڪيو.[8]
هندي فلمون
سنواريوسال | فلم | ڪردار |
---|---|---|
1991 | حنا | چاندني ڪول |
1992 | ميرا ڪا موهن | ميرا |
1992 | هني مون | |
1993 | سينيڪ | الڪا |
1993 | پرمپرا | راجيشوري |
1993 | قاعدہ قانون | شهناز لکنوي / مريا ڊي سوزا |
1993 | اشانت | انيتا |
1994 | چيتا | |
1994 | زخمي دل | انيتا |
1994 | ايڪہ راجا راني | آشا |
1996 | جرمانہ | ڪرن سڪسينا |
1996 | ڀيروي | راگني سري ڌهر |
1997 | جج مجرم | |
1998 | يگ پروش | ديپتي |
1998 | بندهن | پوجا |
مراٺي فلمون
سنواريوسال | فلم | ڪردار |
---|---|---|
1997 | سرڪارنامہ | نامہ نگار ويجينتي پاٽيل |
1989 | اشي هي ڀنوا ڀنوي | ماڌوري |
1989 | ڪلت ناڪلت | |
1994 | وزير (فلم) | |
آهوتي | ||
گهولت گهول | ||
هلد رسلي ڪونڪو يسلي | گوري | |
ايڪ راترا منترليلي | ||
هلد رسلي ڪونڪو هسلي | ||
2007 | ڪداچت | |
2013 | آجچا دوس ماجها |
لاڳاپيل ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "Ashwini Bhave Biography, Ashwini Bhave Bio data, Profile, Videos, Photos". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-11-18.
- ↑ "Movies of Akshay Kumar & Ashwini Bhave". Gomolo.com.
- ↑ "Ashwini Bhave". IMDb.com.
- ↑ "Archived copy". وقت 8 December 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 04 December 2019. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=
(مدد) - ↑ "Archived copy". وقت 2 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 04 December 2019. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=
(مدد) - ↑ "Ashwini Bhave". IMDb. حاصل ڪيل 2019-11-18.
- ↑ "Ashwini Bhave: Movies, Photos, Videos, News, Biography & Birthday | eTimes". timesofindia.indiatimes.com. حاصل ڪيل 2019-11-18.
- ↑ "List of Akshay Kumar & Ashwini Bhave movies together". gomolo.com. حاصل ڪيل 2019-11-18.
وڪيميڊيا العام ۾ اشوني ڀاوي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
خارجي ڳنڍڻا
سنواريووڪيميڊيا العام ۾ اشوني ڀاوي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- اشوني ڀاوي جون تصويرون آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس (IMDb) تي اشوني ڀاوي
ھي مضمون ڪنهن هندستاني اداڪار يا اداڪارا بابت ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |