سيف علي خان (انگريزي: Saif Ali Khan)، پيدائشي نالو ساجد علي خان پٽئودي، (پيدائش 16 آگسٽ 1970ع)[1]، ھندوستاني اداڪار ۽ پيشڪار آھي جيڪو ھندي فلمن ۾ ڪم ڪري ٿو. ھي اداڪارا شرميلا ٽئگور ۽ ڪرڪيٽر منصور علي خان جو پُٽ آھي. ھن يَش چوپڙا جي ڊرامي "پرَمپرا" (1993) سان اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي پر کيس رومانوي ڊرامي "يي دل لگي" (1994ع" ۽ "مين کلاڙي تُو اناڙي" (1994ع) ۾ سندس ڪم جي ڪري ڪاميابي ملي. کيس ھڪ نيشنل فلم ايوارڊ ۽ ست فلم فيئر ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز مليا آھن[2]. 2010ع ۾ ھندوستان جي حڪومت پاران ملڪ جي چوٿين نمبر تي سڀ کان وڏي شھري اعزاز پدما شري سان نوازيو ويو.[3]

سيف علي خان
سيف علي خان تصوير ڪڍرائيندي
خان 2020ع ۾
پيدائش ساجد علي خان پَٽئودي
آگسٽ 1970 (عمر 53 سال)
نئين دھلي، انڊيا.
مادر علمي وِنچيسٽر ڪاليج
پيشو اداڪار، پيشڪار
سَرگَرمُ سالَ 1992– ھيستائين
جيون ساٿي امرتا سنگھ

(ش. 1991ع، ط. 2004ع) ڪرينا ڪپور خان

(ش. 2012ع)
ٻار ٻچا سارا علي خان سميت 4
اعزاز بھترين اداڪار لاءِ ھڪ نيشنل فلم ايوارڊ

ست فلم فيئر ايوارڊ

پدما شري (2010ع)

حوالا سنواريو

  1. "Saif-Kareena wedding: Saif gets married as Sajid Ali Khan - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 2021-12-30. 
  2. "Saif Ali Khan : Awards & Nominations". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-30. 
  3. "Aamir, Rahman to receive Padma Bhushan; Padma Shree for Rekha, Saif". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-30.