اسڪاٽلينڊ

اُتر اولهہ يورپ ۾ ملڪ، برطانيا جو حصو
(اسڪاٽ لينڊ کان چوريل)

اسڪاٽلينڊ (scotland) يونائٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ رُڪن ملڪ آهي.هي مُلڪ عظيم برطانيا ٻيٽَ جي اُتر ۾ ٽئين ڀاڱي تي موجود آهي. ان جي سرحد ڏکڻ طرف انگلستان جڏهن ته اوڀر ۾ اتر سمنڊ، اولهه ۽ اتر ۾ نارٿ چينل ۽ آئرش سمنڊ سان ملي ٿي. اصل ۾ لينڊ کانسواءِ 790 ننڍا ٻيٽَ پڻ اسڪاٽلينڊ جو حصو آهن.

اسڪاٽلينڊ

Flag of اسڪاٽلينڊ
{{{coat_alt}}}
Flag رائل بينر
شُعار: '"منهنجي دفاع ۾ خدا منهنجو دفاع ڪر" (ٻولي؟)[a]
"In my defence God me defend"
ترانو: Various[b]
عام طور تي "اسڪاٽلينڊ جو گل"
مڪانيت  اسڪاٽلينڊ  (dark green) – نقشو Europe  (green & dark grey) – in the گڏيل بادشاھت  (green)
مڪانيت  اسڪاٽلينڊ  (dark green)

– نقشو Europe  (green & dark grey)
– in the گڏيل بادشاھت  (green)

حیثیت ڏيهَ
گادي جو هنڌ ايڊنبرا
55°57′11″N 3°11′20″W / 55.95306°N 3.18889°W / 55.95306; -3.18889
سڀ کان وڏو شهر گلاسگو
ٻوليون انگريزي
منظور ٿيل ٻوليون[c]
نسلي گروھ (2011)
  • 96.0% اڇا (بگا)
  • 2.7% ايشين
  • 0.7% ڪارو
  • 0.4% مِڪسڊ
  • 0.2% عربَ
  • 0.1% other[6]
مذهب اسڪاٽينڊ جو چرچ
رومن ڪيٿولڪ
ٻيا عيسائي
السام
هندومت
ٻڌمت
سکھ مت
يهودين جو مذهب
ٻيا
ڪو به مذهب ناهي[7][8]
مقامي آبادي
حڪومت ورثي ۾ اچڻ پارلياماني قانون سازي جي اختيار اندر آئيني بادشاهت[e]
ايلزبٿ II
نيڪولا استورجين
John Swinney
برطانيا جي پارليامينٽ
• رياست جو سيڪريٽري Alister Jack
• هائوس آف ڪامنز 59 MPs (of 650)
مقننه اسڪاٽش پارليامينٽ
بناوت
9هين صدي (روايتي 843)
مئي 1, 1707
19 نومبر 1998
پکيڙ
• Land
77٬933 km2 (30٬090 sq mi)[9]
• پاڻي (%)
3.00%
آبادي
• 2017 اندازو
5,424,800[10]
• 2011 مردم شماري
5,313,600[11]
•  گھاٽائي
67.5 /km2 (174.8 /sq mi)
GVA 2017 estimate
 • ڪُل (ٽوٽل) £138 billion[12]
 • في ڪس پرڪيپيٽا £25,500[12]


يورپ جي نقشي ۾ اسڪاٽ لينڊ کي نمايان ڏيکاريو ويو آهي

ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ جو راڄڌاني ۽ ٻيو وڏو شهر آهي. هي شهر يورپ جي وڏن واپاري(تجارتي) مرڪزن منجهان هڪو آهي. ايڊنبرا کي اتيت (ماضيءَ) ۾ اسڪاٽلينڊ جي مرڪزي حيثيت حاصل هُئي پر هاڻي گلاسگو جيڪو اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، اهو ايڊنبرا کان ترقيءَ ۾ اڳتي نڪري چُڪو آهي. اسڪاٽلينڊ جي آبي حدن ۾ اُتر ڄميل سنمڊ جو هڪ وڏو حصو پڻ اچي ٿو. تيل جي ذخيرن جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ يورپي يونين ۾ سڀني کان اڳتي آهي. اسڪاٽلينڊ جو ٽيون وڏو شهر ايبرڊين آهي جيڪو يورپ ۾ تيل جو راڄڌاني سڏبو آهي.

اسڪاٽلينڊ جي رياست 1707 تائين هڪ خودمختيار رياست هئي جنهن کي پوءِ ذاتي پسند جي بنياد تي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ سان ملايو ويو هيو. ان جو سبب هي هيو تہ اسڪاٽلينڊ جو جيمز ڇهون ساڳئي وقت ٻن رياستن جو بادشاهہ پڻ هو. 17 مئي 1707 تي اسڪاٽلينڊ پڻ الحاق ۾ شامل ٿي وئي ۽ اُهي سڀئي رياستون ملي هڪ ملڪ بڻجي ويون. ان سلسلي ۾ سال 1706 ۾ ٻنهين رياستن جي پارليامينٽ گڏجي هڪ قانون منظور ڪيو، تنهن هوندي ان الحاق جي خلاف اسڪاٽلينڊ ۾ عام مظاهرا ۽ احتجاج ٿيندا رهيا. اڄ پڻ اسڪاٽلينڊ جو عدالتي، قانوني ۽ ڏوهہ ۽ سزا جو سرشتو (نظام) انگلينڊ ۽ ويلز ۽ اُتر آئرلينڊ کان الڳ آهي.

نالوجي معنيٰ سنواريو

اسڪاٽ لينڊ جو لفظ لاطيني لفظ سڪاٽي کان نڪتل آهي، جيڪو اسڪاٽلينڊ ۽ آئر لينڊ جي رهواسي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

اتهاس سنواريو

مُنڍائتي تاريخ سنواريو

موجوده دور جي اسڪاٽلينڊ جي مقام تي لاڳاتار گليشئر ٺهندا ۽ پگهرڻ لڳا جنهنڪري ابتدائي انساني آباديءَ جا آثار مِٽجي ويا. اندازي مطابق آخري ڀير گليشئرن جي هٽڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 12,800 سال اڳ هتي شڪاري آيا ۽ رهڻ لڳا. 9,500 سال اَڳُ هتي انسانن مستقل رهائش گاهون اڏڻ شروع ڪيون هيو ۽ 6,000 سال اڳ هتي ڳوٺ ٺهڻ لڳا. وڻ جي غيرموجودگي سبب هتي گهڻي ريت اڏاوت مقامي پٿرن سان ڪئي وئي.

اڪساٽلينڊ 4,000 سال اڳ هڪ پراڻو مقبرو مليو آهي جتي پُوريل نوادرات پڻ موجود هيا انهن ۾ ٽامو واري زماني جي شروعاتي حڪمران جي باقيات اڇي ٺڪرين ۽ وڻ جي ٽاري تي رکيل هئي. جنهن مان پروڙَ پئي ٿي ته هي ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن ۽ پيارن جي قبرن تي گُلَ رکندا هيا.

رومن اثرَ سنواريو

شروعاتي لکيل تاريخ رومن سلطنت جي آمد سان شروع ٿئي ٿي جڏهن رومين انگلينڊ ۽ ويلز تي قبضو ڪيو هيو ان زماني ۾ رومين ان کي برطانيا جو صوبو نالو ڏنو.


حوالا سنواريو

  1. "St Andrew—Quick Facts". Scotland. org—The Official Online Gateway. وقت 11 November 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 December 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "St Andrew". Catholic Online. حاصل ڪيل 15 November 2011. 
  3. "St Margaret of Scotland". Catholic Online. حاصل ڪيل 15 November 2011. 
  4. "Patron saints". Catholic Online. حاصل ڪيل 15 November 2011. 
  5. "St Columba". Catholic Online. حاصل ڪيل 15 November 2011. 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ethnicity
  7. ٻيا مذهب"Analysis of Religion in the 2001 Census - gov.scot". www.gov.scot. حاصل ڪيل 2019-10-08. 
  8. Scotland's Census. "Scotland's Census 2011 – National Records of Scotland" (PDF). Scotland's Census. حاصل ڪيل 2019-10-08.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. Region and Country Profiles, Key Statistics and Profiles, October 2013, ONS. Retrieved 9 August 2015.
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ONS-pop-ests-June2018
  11. "Population estimates by sex, age and administrative area, Scotland, 2011 and 2012". National Records of Scotland. حاصل ڪيل 8 August 2013. 
  12. 12.0 12.1 Office for National Statistics. "Regional gross value added (income approach), UK: 1997 to 2017, December 2015". حاصل ڪيل 24 April 2017. 
  13. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 13 September 2018. 
  14. "European Charter for Regional or Minority Languages". اسڪاٽش گورنمنٽ. حاصل ڪيل 23 October 2011. [مئل ڳنڍڻو]
  15. Macleod, Angus "Gaelic given official status" (22 April 2005) دي ٽائمز. London. Retrieved 2 August 2007.
  16. "Scotland becomes first part of UK to recognise signing for deaf as official language". Herald Scotland. حاصل ڪيل 17 January 2016.