اَسپريگس يا پاراگراس (Asparagus) هڪڙي انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ کريل نالو پارا گراس جو ڏين ٿا، پر سُوت مُولي ۽ مارچوبه به سڏيندا اٿس.

اسپريگس
پوکيل اسپريگس جي سٿ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): اسپريگس
جنس: Template:Taxonomy/اسپريگس{. آفيشنلس
حياتياتي نالو
اسپريگس آفيشنلس
ڪارل لينيوئس 1753
اسپريگس جا کوڙبنڊل

هي ٻين سڀني انگريزي ڀاڄين کان پوءِ ٿي ٿئي، تنهنڪري ڪمائتي آهي. آگسٽ يا ان کان پوءِ سگهو ئي هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ڪونڊين ۾ مٺي ڇڙيل مٽي وجهي، واري گڏي، انهيءَ ۾ ٻج پوکجي ۽ هوا کان پناهه ڏجيس. جڏهن ڏهه انچ سلا ٿين تڏهن زمين ٺاهي، ان ۾ ڏيڍ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي گول کڏون کڻجن، جي هڪ فوٽ ويڪريون ۽ ٻه اڍائي فوٽ اونهيون هجن. انهن کڏن ۾ ڏهن انچن تائين پنن ۽ ڇيڻي جو ڀاڻ ٿوري شوري سان گڏيل وجهڻ گهرجي. پوءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ کڏ ۾ هڪڙو هڪڙو سلو وجهجي، پر ان جون پاڙون پکي وانگي پکيڙي سنيون ڪري رکجن، جيئن ڀڄي نه پون. پاڻي مئو پيو ڏجيس. ٽن چئن مهينن جي عرصي ۾ اهي کڏون ڀرجي زمين سنيون ٿي وينديون. اپريل يا مئي ۾ ٻوڙا گل ڪندا، جي وڍي ڇڏجن ته ٻوڙا زور وٺن، پر سنڀال ڪجي ته ڪو پن نه پٽجي. پوءِ سگهو ئي پاڙ مان گوشا نڪرندا، جي کائڻ جي به ڪم ۾ ايندا آهن. پر بهتر آهي ته انهن کي هٿ نه لائجي ته ڀلي ٽارين وانگي نڪرن. سياري ۾ ٻوڙن جا ٿڙ سڪي ويندا، وري مارچ ۾ ڦٽڻ لڳندا. تڏهن هيٺان مٽي پاڙن تائين ڪڍڻ جي ڪجيس، ۽ ان جي بجاءِ چڱو ڀاڻ وجهجيس، جنهن کان پوءِ ڏهاڙي پاڻي ڏجيس. اٽڪل ٻن هفتن ۾ زمين تي چڱيون سايون ڳنڍيون نڪري ظاهر ٿينديون، جي وڍي کائڻ جي ڪم ۾ آڻجن.

اسپريگس جو طعام پٽاٽن ۽ ھالينڊ جي چٽڻي سميت

هن ڀاڄيءَ جا ٻوڙا ٽن چئن ورهين تائين، بلڪه زياده وقت تائين پوريءَ سنڀال سان رهي سگهن ٿا. لوڻ هن جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي، جو پاڻي ڏيڻ کان اڳي کڏن ۾ ٻرڪي ڇڏجي.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو