اسٽيريا(انگريزي: Styria) آسٽريا جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ان جي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي پکيڙ 16٬401 km2 (6٬332 sq mi) آھي ۽ اھا آسٽريا جي پکيڙ ۾ لوئر آسٽريا کان پوءِ ٻين وڏي رياست آهي. ھن رياست جون حدون ڏکڻ ۾ سلووينيا سان ۽ باقي آسٽريا جي رياستن ڪارنٿيا، سلزبرگ، اپر آسٽريا، برجنلينڊ ۽ لوئر آسٽريا سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گادي جو هنڌ گراتس (Graz) آھي. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 49.6 ارب يورو ھئي جيڪا آسٽريا جي ڪل جي ڊي پي جو 12.9 سيڪڙو ھئي. ھي رياست 13 ضلعن ۾ ورھايل آھي جن مان ھڪ ضلعو رياستي شھر آھي.

اسٽيريا
Styria

Steiermark
آسٽريا
اسٽيريا Styria
جھنڊو
اسٽيريا Styria}}
قومي نشان
Location of اسٽيريا Styria
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ گراتس
حڪومت
 • گورنر ھرمين شتزينھوفر (آسٽرين پيپلز پارٽي)
پکيڙ
 • ڪل 16,401.04 ڪ.م2 (6,332.48 ميل2)
آبادي (1 جنوري 2020)
 • ڪل 1,246,576

حوالا سنواريو

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.