اپر آسٽريا
اپر آسٽريا(انگريزي: Upper Austria ) آسٽريا جي نو رياستن مان ھڪ رياست جو نالو آهي. ان جي گادي جو هنڌ لينز شھر آھي. ان جون حدون جرمني، چيڪ ريپبلڪ ملڪن سان گڏوگڏ آسٽريا جي ٻين رياستن لوئر آسٽريا، اسٽيريا ۽ سلزبرگ سان ملن ٿيون. ھن رياست جي پکيڙ 11٬982 km2 (4٬626 sq mi) آهي ۽ آبادي 1490000 اٿس. اھا پکيڙ ۾ آسٽريا جي چوٿين وڏي ۽ آبادي ۾ ٽين وڏي رياست آهي. 2018 ۾ ھن رياست جي يي ڊي پي 65.9 ارب يورو ھئي جيڪا ملڪ جي ڪل جي ڊي پي جو 17.1 سيڪڙو ھئي. ھي رياست 15 ضلعن ۾ ورھايل آھي ۽ ان ۾ ڪل 144 ميونسپالٽيون واقع آھن. ٽي ضلعا شھرن تي مشتمل آھن جن ۾ لينز، اسٽيئر ۽ ويلس شامل آهن.
اپر آسٽريا Oberösterreich | |||
---|---|---|---|
رياست | |||
| |||
ملڪ | آسٽريا | ||
گادي جو هنڌ | لينز | ||
حڪومت | |||
• گورنر | ٿامس اسٽيلزر (آسٽرين پيپلز پارٽي) | ||
• ڊپٽي گورنر |
| ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 11,981.92 ڪ.م2 (4,626.25 ميل2) | ||
آبادي (1 جنوري 2020) | |||
• ڪل | 1,490,392 |
حوالا
سنواريو- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.