اسلم فرخي
اسلم فرخي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 23 آڪٽوبر 1923 لکنئو |
تاريخ موت | 15 جُونِ 2016 (93 سال)[1] |
شھريت | پاڪستان برطانوي راڄ |
عملي زندگي | |
تعليمي سندون | پي.ايڇ.ڊي. |
پيشو | شاعر |
اعزازات | |
ترميم |
ناليواري اديب، شاعر، محقق، -ٻولي- ماهر، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 -آڪٽوبر- 1923ع تي لکنؤ (هندستان) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ -جنم- ورتو. سندس ’فرخي‘ لقب فرخ -آباد- شهر جي ڪري پيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جي هڪ وڏي سڃاڻپ ٻارڙن لاءِ لکڻ جي حوالي سان به آهي. هن ٻارن لاءِ تمام گھڻو ادب لکيو آهي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي -اردو- شعبي ۾ پروفيسر ۽ شعبي جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. -ان- سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جون ذميواريون به نڀايون اٿائين. ڇهن سالن تائين ريڊيو -پاڪستان- سان به لاڳاپيل رهيو آهي. سندس اهم ڪتابن ۾ (1) ”محمد حسين آزاد حيات جو -تصنيف-“، (2) ”گلدستهء احباب“، (3) ”آنگن مين ستاري“، (4) خريد و خرد فريد“، (5) داستانِ نظام“، (6) ”بچون ڪي سلطان جي“، (7) بچون ڪي رنگا رنگ -امير خسرو-“ شامل آهن. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ (1) ”تذڪره گلشن هميشه -بهار-“، (2) ”چاند بيبي سلطانه“، (3) قتيل و غالب“ (ليکڪ: -اسد- علي انوري)، (4) ”نارنگِ خيال“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد)، (5) ”قصص هند“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد) ۽ ٻيا شامل آهن. [2]