غيبي اشاري معلوم ڪرڻ جي دعا. خدا کان خاص دعا جي رستي خير جي طلب[1].ان جي معني آهي ڀلائي ۽ چڱائي طلب ڪرڻ ۽ اصطلاح ۾ استخارو يا استخاري جي نماز منجھان اھا نفل نماز مراد آھي جيڪا نبي ﷺ جن مسلمانن کي ان مقصد لاءِ سيکاري آھي ته جڏهن به ڪنهن جائز ڪم ۾ اھو چڱي طرح معلوم نہ ٿيندو ھجي تہ خير ۽ ڀلائي ڪھڙي ڳالھ ۾ آھي۽ ڪنھن بہ فيصلي تي اطمينان نہ ٿيندو ھجي تہ ماڻھو ٻہ رڪعتون نفل نماز پڙھي استخاري جي مسنون دعا پڙھي، الله تعالي کان اھا اميد رکي تہ ھو استخاري جي نماز جي برڪت سان ڪنھن ھڪ طرف دلي لاڙو عطا فرمائيندو[2]. هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بهتريءَ جي طلب ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ طور ڪم ڪرڻ وقت فال ڪڍڻ ته انهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي ۽ چڱائي ٿيندي يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب لهڻ جا مختلف طريقا آهن[1]. سُني مسلمان سومهڻيءَ جي نماز پڙهي سمهي پوندا، رات جو موافق يا مخالف خواب ڏسي فيصلو ڪندا آهن. اهو ”مسنون“ طريقو چيو وڃي ٿو. استخاري جو گهڻو رواج شيعن مسلمانن ۾ آهي، جنهن لاءِ اُنهن جو طريقو ۽ دعائون مختلف آهن[1].ھڪ حديث ۾ نبي ﷺ جو فرمان آهي ته[2]:

استخارو ڪرڻ وارو ڪڏھن به نامراد نٿو ٿئي۽ مشورو ڪرڻ وارو ڪڏھن به پشيمان نہ ٿو ٿئي ۽ ڪفايت سان ڪم ڪرڻ وارو ڪڏھن بہ ڪنھن جو محتاج نٿو رھي

— طبراني

حضرت سعد بن ابي وقاص جي روايت ڪيل ھڪ ٻي حديث ۾ فرمايو ويو آهي ته[2]:


خدا کان استخارو ڪرڻ، آدم جي اولاد جو ڀاڳ آھي ۽ قضاء الاھي تي راضي رھڻ بہ آدم جي اولاد جي سعادت آھي ۽ آدم جي اولاد جي بدبختي اھا آھي تہ ھو خدا کان استخارو نہ ڪري ۽ خدا جي قضا تہ ناخوش ٿئي

— مسند احمد

استخاري جو طريقو

سنواريو

استخاري جون ٻہ نفل رڪعتن جي نماز عام نفل نماز وانگر پڙھي ويندي آهي پر نماز بعد بطور مستحب خدا جو حمد ۽ ثنا ۽ پوء درود پڙھيا ويندا آهن جنھن بعد استخارو ڪندڙ مسنون دعا پڙھي قبلي طرف منھن ڪري سمھي پوندو آهي[2]. ڪجهه بزرگن جو خيال آهي ته جيڪڏهن خواب ۾ سفيدي يا ساواڻ نظر اچي تہ اھو ڪم استخاري ڪرڻ واري جي حق ۾ بھتر آھي پر جي ڪاراڻ يا ڳاڙھاڻ نظر اچي تہ اھو ڪم ٺيڪ ناهي ۽ ان کان پاسو ڪيو وڃي[2]. استخاري وارو عمل ستن ڀيرن تائين دھرائڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي پوء جنھن پاسي طبيعت کي اطمينان ۽ دل جو لاڙو ٿئي ان کي خدا جو فيصلو سمجھي اختيار ڪيو ويندو آهي[2].

استخاري جي مسنون دعا

سنواريو

حضرت جابر رضه مطابق نبي ﷺ کين استخاري جي تعليم ڏيندا ھئا ۽ ٻہ رڪعتون نفل بعد ھيٺين دعا پڙهڻ لاء فرمايو[2]:

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْتَخِيرُكَ بِعِلْمِكَ وَأَسْتَقْدِرُكَ بِقُدْرَتِكَ، وَأَسْأَلُكَ مِنْ فَضْلِكَ الْعَظِيمِ، فَإِنَّكَ تَقْدِرُ وَلاَ أَقْدِرُ وَتَعْلَمُ وَلاَ أَعْلَمُ وَأَنْتَ عَلاَّمُ الْغُيُوبِ، اللَّهُمَّ إِنْ كُنْتَ تَعْلَمُ أَنَّ هَذَا الأَمْرَ خَيْرٌ لِي فِي دِينِي وَمَعَاشِي وَعَاقِبَةِ أَمْرِي فَاقْدُرْهُ لِي وَيَسِّرْهُ لِي ثُمَّ بَارِكْ لِي فِيهِ، وَإِنْ كُنْتَ تَعْلَمُ أَنَّ هَذَا الأَمْرَ شَرٌّ لِي فِي دِينِي وَمَعَاشِي وَعَاقِبَةِ أَمْرِي فَاصْرِفْهُ عَنِّي وَاصْرِفْنِي عَنْهُ، وَاقْدُرْ لِي الْخَيْرَ حَيْثُ كَانَ ثُمَّ أَرْضِنِي بِهِ

ترجمو:"اي الله، آء توکان تنھنجي علم جي بنياد تي ڀلائي جو طلبگار آهيان ۽ تنھنجي قدرت جي ذريعي توکان تنھنجي زبردست فضل۽ ڪرم جو سوالي آهيان، ان ڪري جو تون قدرت وارو آھين ۽ مونکي بلڪل طاقت ڪونھي، تون علم وارو آھين ۽ مون کي علم ڪونھي۽ تون غيب جي سمورين ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو. اي الله جيڪڏهن تنھنجي علم ۾ ھي ڪم منھنجي لاءِ بھتر آھي تہ منھنجي دين ۽ دنيا جي لحاظ کان ۽ نتيجي جي لحاظ کان تون مون لاء ان کي مقرر فرماء ۽ منھنجي لاءِ ان کي آسان ڪر ۽ منھنجي لاءِ ان کي برڪت وارو ڪر ۽ جيڪڏهن تنھنجي علم ۾ ھي ڪم منھنجي لاءِ برو آھي تہ منھنجي دين ۽ دنيا جي لحاظ کان ۽ نتيجي جي لحاظ کان تون ان ڪم کي مون کان پري رک ۽ مون کي ان ڪم کان بچاء ۽ مون لاء خير ۽ ڀلائي مقرر فرماء جتي به ھجي ۽ پوء مونکي ان تي راضي ۽ مطمئن ڪرڻ فرماء"

  1. 1.0 1.1 1.2 - استخارو : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 36، 202,203,204