استاد شفيع فقير، ٿرپارڪر جي گڍڙي نالي وسنديءَ ۾ فقير موليٰ بخش جي گهر 1960ع ڌاري ڄائو. راڳ ويراڳ کيس ورثي ۾ مليو آهي، ڇو ته سندس خاندان پيڙهين کان وٺي ڳائيندو پيو اچي. هن راڳ جي باقاعدي تربيت -استاد- شادي فقير کان ورتي. -ان- کان سواءِ هن -استاد- مجيد خان (سارنگي نواز) کان پڻ ڪافي گُر ۽ سُر سکيا. -ٿر- هونئن به سُر سنگيت ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان مالا مال آهي، پر -ٿر- موسيقيءَ جي ميدان ۾ جيڪي به سريلا فنڪار پيدا ڪيا آهن، -تن- ۾ موجوده دور ۾ -استاد- شفيع فقير جو نالو مٿانهون آهي. هو سنڌي پرڪاش، لوڪ راڳ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان نه رڳو واقف آهي پر انهن تي عبور به رکي ٿو. هي نوجوان فنڪارن ۾ نه رڳو پڙهيل لکيل آهي پر راڳ، راڳڻين، سُرن، ڪلاسيڪي ۽ سنڌي راڳ جي فرق وغيره تي خوبصورت انداز ۾ گفتگو ڪري ۽ ويچار ونڊي سگهندو آهي. هو نه رڳو اسٽيج ۽ محفل جو راڳي آهي، پر ريڊيي ۽ ٽي. وي تي پڻ پاڻ مڃائي چڪو آهي. هن ريڊيو ۽ ٽي .وي -تان- هڪ ئي سال 1989ع ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سندس پسند جي راڳن مان مالڪوس، درٻاري، راڻو، سورٺ، ڀيرومارو، ڪوهياري ۽ -ڀيروي- شامل آهن. هن شاهه لطيف، صوفي صادق فقير، منٺار فقير، -ڀڳت- ڪبير، ميران ٻائي، سچل سرمست، بلهي شاهه، خواجه غلام فريد، مصري شاهه، مل محمود، محمد فقير کٽياڻ، رکيل شاهه، بيدل سائين ۽ ٻين صوفين ۽ ويدانتي شاعرن کان سواءِ جديد شاعرن مان شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، نارائڻ شام، حليم باغي، -اياز- گل، وفا پلي، حاجي ساند ۽ ٻين کي به خوب ڳايو آهي. ڪافيءَ جي شاعرن مان حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري، صوفي خوش خير محمد، طالب الموليٰ، عبدالڪريم پلي، عارف الموليٰ ۽ ٻين کي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي. هو راڳ جي دنيا ۾ -استاد- شادي فقير، -استاد- منظور علي خان، محمد يوسف ۽ سينگار علي سليم کي پسند ڪري ٿو، کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، -جن- ۾ شاهه لطيف اوارڊ، مصري شاهه اوارڊ، لوڪ سنگيت اوارڊ، صوفي صادق فقير اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اعزاز مليا اٿس. شفيع فقير هندستان جي مختلف شهرن ۾ ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ به ڳائي آيو آهي. هن عمرڪوٽ ۾ سنگيت سکيا گهر قائم ڪيو آهي، -جتي- نوجوان راڳين کي باقاعدي تربيت ڏيندو رهي ٿو. سندس مستقل رهائش، نيو ڇور شهر ۾ آهي.[1]