اسان ڇو مسلمان ٿياسين؟ (ڪتاب)

ڪتاب

هي ڪتاب پروفيسر عبدالغني فاروق جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عبدالرحمٰن -جتوئي- ۽ -ارباب- علي چوهاڻ گڏجي ڪيو آهي، هي ڪتاب 1987ع ۾ ’سنڌ مسلم ادبي اڪيڊمي سکر‘ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ تقريباً ويهن شخصيتن جا مسلمان ٿيڻ جي -باري- ۾ قصا سندن ’زباني بيان ٿيل آهن. انهن شخصيتن ۾ سر -جلال- الدين لارڊ برنٽن، مولانا عبيدالله سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم جرمانوس، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عمر فاروق عبدالله، علي محمد موري، پروفيسر غازي احمد، ڊاڪٽر غزينيه، مجاهد -اسلام-، علامه محمد -اسد-، محمد صديق، محمد مارما ڊيوڪ پڪٿال، شيخ -بشير احمد- شاهه، ڊاڪٽر -اسلام- -الحق-، يوسف -الاسلام-، بيگم مولانا عزيز گل، مريم جميل، راجڪماري، جاويد -بانو- بيگم، فاطمه هيرين ۽ جميله خاتون شامل آهن. 120 صفحن تي مشتمل، رنگين ٽائيٽل سان پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 10 روپيا آهي.[1]

حوالا سنواريو