اساس (ڪيميا)
ڪيمسٽريءَ ۾ اساس (Base) جي اصطلاح جون ٽي مشھور معنائون استعمال ٿين ٿيون: آرهينيس اساس، برونسٽيڊ اساس ۽ ليوس اساس. سڀني تعريفن ۾ هڪ ڳالهہ گڏيل آهي تہ اساس اهڙا مادا آهن جيڪي تيزاب سان رد عمل ڪن ٿا، جيئن اصل ۾ 18هين صدي جي وچ ڌاري جي.ايف. راويل (G.F. Rouelle) ٻڌايو ھيو.
سال 1884ع ۾، ساوانت آرهينيس اهو نظريو پيش ڪيو تہ اساس هڪ اهڙو مادو آهي جيڪو پاڻيءَ جي حل (aqueous solution) م هائيڊروڪسائيڊ آئنز (OH⁻) پيدا ڪري ٿو. اهي آئنز تيزابن جي ڊسوسيئيشن مان حاصل ٿيل هائيڊروجن آئنز (H⁺) سان ردعمل ڪري پاڻي ٺاهي سگهن ٿا. ايريينيس جي مطابق اساس هڪ ڌاتوي هائيڊروڪسائيڊ (جھڙوڪ NaOH يا Ca(OH)₂) آهي. اهڙا آبي محلول خاصيتن سان بيان ڪيا ويا آهن، جيئن: اهي ڇھڻ ۾ چپچپا لڳن ٿا، ڪوڙو ذائقو ڏين ٿا ۽ pH انڊيڪيٽرز جي رنگ ۾ تبديلي آڻين ٿا (جھڙوڪ ڳاڙهي لٽمس پيپر کي نيرو ڪن ٿا).
پاڻيءَ ۾، اساس آٽوآئنيزيشن جي توازن (autoionization equilibrium) کي تبديل ڪندي هائيڊروجن آئن جي سرگرمي کي گهٽ ڪن ٿا، جنھن جو مطلب آهي تہ پاڻيءَ جو pH 7.0 کان وڌيڪ ٿو وڃي. هڪ حل ٿيندڙ اساس کي الڪلي (alkali) سڏيو وڃي ٿو جيڪڏهن اهو OH⁻ آئنز جي مقداري صورت ۾ آزاد ڪري. ڌاتوي آڪسائيڊز، هائيڊروڪسائيڊز، ۽ خاص طور تي الڪوڪسائيڊز اساسي (basic) آهن، ۽ ڪمزور تيزابن جا گڏيل اساس (conjugate bases) ڪمزور اساس ٿين ٿا.
اساس ۽ تيزاب ڪيميائي طور تي هڪٻئي جا ابتڙ سمجهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ تيزاب پاڻيءَ ۾ هائيڊرونيئم آئن (H3O⁺) جي تعداد وڌائي ٿو، جڏهن تہ اساس ان کي گهٽائين ٿا. تيزاب ۽ اساس جي پاڻيءَ واري محلول جو رد عمل نيوٽرلائيزيشن چئبو آهي، جيڪو پاڻي ۽ لوڻ تي مشتمل محلول پيدا ڪري ٿو، جتي لوڻ پنھنجن جزوي آئنز ۾ ورهائجي وڃي ٿو.
برونسٽيڊ-لاوري (Brønsted–Lowry) جي وڌيڪ عام نظريي (1923ع) موجب، اساس هڪ اهڙو مادو آهي جيڪو هائيڊروجن ڪيشا (H⁺، پروٽان) قبول ڪري سگهي ٿو. ايريينيس اساس برونسٽيڊ اساسن جو حصو آهن، ڇاڪاڻ تہ OH⁻ H⁺ سان ردعمل ڪري پاڻي ٺاهي ٿو. پر اهڙا ٻيا برونسٽيڊ اساس بہ آهن جيڪي پروٽان قبول ڪن ٿا، جھڙوڪ امونيا (NH₃) ۽ ان جا نامياتي ڊيريواٽو (amines). اهي اساس هائيڊروڪسائيڊ آئن تي مشتمل نہ هوندا آهن، پر پاڻيءَ سان ردعمل ڪري OH⁻ آئنز جي مقدار وڌائين ٿا.
ليوس جو نظريو (G. N. Lewis) بيان ڪري ٿو تہ پاڻي، امونيا ۽ ٻيا اساس پنھنجي اڻويٺل اليڪٽرانن جي جوڙيءَ ذريعي پروٽان سان بند (bond) ٺاهي سگهن ٿا. ليوس نظريي موجب، اساس هڪ اليڪٽران جوڙي عطا ڪندڙ (electron pair donor) آهي، جيڪو ڪنھن اليڪٽران قبول ڪندڙ (Lewis acid) سان شيئر ڪري سگهي ٿو. اهو نظريو برونسٽيڊ نظريي کان وڌيڪ عام آهي، ڇاڪاڻ تہ ليوس تيزاب ضروري ناهي تہ پروٽان هجي، پر اهو اهڙو ماليڪيول يا آئن بہ ٿي سگهي ٿو جنهن وٽ خالي مدار هجي. هڪ خاص مثال بوران ٽرفلوراڊ (BF₃) آهي.
ٻيون بہ تيزاب ۽ اساس جون وصفون ڏنيون ويون آهن، پر اڄڪلهہ گهٽ استعمال ٿين ٿيون.