1925ع ۾ ارتقائي نظريي کي آمريڪا جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اُتان پادرين جي طبقي ۽ سائنسي سوچ رکندڙن جي وچ ۾ ارتقا يا تخليق جي نظرياتي جهيڙي جي شروعات ٿي. " 1987ع ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ اندر ٻه طبقا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا، هڪ طبقو پادرين جو هو ۽ ٻيو سائنسي سوچ رکندڙ. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جهڳڙو به عجيب نوعيت جو هو. يعني، ارتقا درست آهي يا تخليق! پادرين جو ٽولو جيڪو پاڻ کي تخليقي يا ”فطري سائنس“ جو حامي چورائي رهيو هو، سو انهيءَ ڳالهه جي حق ۾ هو ته، ”اڄ کان چند هزار ورهيه اڳ خدا تعاليٰ هيءَ ڌرتي تخليق ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي حياتي پڻ.“ جڏهن ته ٻيو گروهه سائنسي سوچ رکندڙ هو ۽ ارتقا تي بحث ڪرڻ ٿي چاهيائين. اُن جي دعويٰ هئي ته، ”زمين ڪائنات جي درجي بدرجي وجودجڻ جي سلسلي ۾ ٺهي هئي، ۽ اُن تي حياتي وڌيڪ ارتقائي منزلون طئي ڪري، هاڻوڪيءَ شڪل ۾ ظاهر ٿي آهي.“مقدمي جي ڪارروائيءَ دوران ٻنهي طبقن پنهنجا پنهنجا مؤقف پيش ڪيا، ٻنهي ڌرين پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڳالهه کي صحيح ۽ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا. ٻنهي ڌُرين کي ٻُڌڻ کانپوءِ عدالت عاليه ٻن جي ڀيٽ ۾ ستن ووٽن جي اڪثريت سان ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ گڏوگڏ اهو حڪم پڻ صادر فرمايو ته، ”جن پبلڪ اسڪولن ۾ ارتقائي سائنس پڙهائي وڃي ٿي، اُتي تخليقي نظريو نه پڙهايو وڃي ۽ جتي ارتقائي سائنس نٿي پڙهائي وڃي، اُتي انهيءَ جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي.“ يعني ڪائنات جي وجودجڻ جي سلسلي ۾مذهب ۽ سائنس کي قطعي طور تي جدا جدا ڪيو ويو. انهيءَ فيصلي تي ارتقا جي حامين جي سرهائي هڪ فطري ڳالهه هئي. پٿرايل بوتن (Fossils) بابت ڄاڻ رکندڙ جڳ مشهور ماهر اسٽيفن جي- گولڊ چيو ته ”کيل ختم ٿي چڪو، ميدان هاڻي اسان جي هٿ ۾ آهي.“ هڪ ٻئي ماهر چيو ته، ”تخليقات جا حامي هاڻي اسڪولن ۾ ارتقا سان گڏ تخليق جي موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ اُستادن کي مجبور ڪري نه سگهندا.“ تخليقات جي حامين جي وڪيل پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، ”تخليقات اڃا مُئي نه آهي. اُها زندهه آهي ۽ اُنهيءَ جي تدريس جا موقعا اڃا به ايترائي روشن آهن، جيترا اڳي هئا.“ هڪ ٻئي حاميءَ چيو ته، ”اهو ته فقط ڪورٽ جو فيصلو آهي، اسين سُتت ئي ٻيهر عدالت جو در کڙڪائينداسين، ۽ اسان کي پڪ آهي ته اُنهيءَ ڀيري اسين سُٺيءَ اڪثريت سان ڪيس کٽنداسون، ڇو ته ڪورٽ سڳوريءَ تخليقي نظريي تي پابندي فقط اسڪول لاءِ وڌي آهي ۽ سابه اُتي، جتي ارتقا جي تعليم ڏني وڃي ٿي، پر پبلشرن کي انهيءَ بابت ڪتاب ڇاپڻ کان جهليو نه ويو آهي. تخليقات جي پرچار تي بندش نه وڌي ويئي آهي. ارتقا جي هيءَ جيت محض وقتي آهي.“ جيڪي ماڻهو وچٿرا هئا، يعني نه ته ڪٽر مذهبي ۽ نه ئي ارتقا کي حرف آخر سمجهندڙ، تن جو رايو هو ته، ”انهيءَ فيصلي کان پوءِ اُستادن کي انهيءَ ڳالهه جو موقعو ملندو ته اُهي وڌ ۾ وڌ جديد نظرين ۽ علمي موضوعن کان پنهنجن شاگردن کي آگاهه ڪري سگهندا ۽ اهڙيءَ ريت آزادانه بحث مباحثي لاءِ هڪ نئون ميدان جُڙي پوندو.“ ڪيس ته خير پنهنجيءَ پڄاڻيءَ تي پهتو، پر جھڳڙو نہ نبريو."".[1]

  1. ڪتاب جو نالو: سيڪيولرزم۽ عقليت پسندي; مترجم :محمد ابراهيم جويو; ايڊيٽر:جامي چانڊيو؛ايڊيشن:پهريون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سينٽرفار پيس اينڊ سول سوسائٽي