هيءُ مندر نوشهري فيروز شهر ۾ واقع آهي. هن مندر جا گرو يعني گادي نشين شادي ڪو نه ڪندا هئا، تنهن ڪري هن مندر کي ”اداسين“ جو مندر ڪوٺيو ويو. اداسي اصل ۾ سکن جو هڪ پنٿ آهي. هيءُ 300 سال پراڻو مندر آهي. مندر جا ڪل يارنهن گادي نشين ٿي گذريا آهن، جن مان ڪنهن به شادي ڪو نه ڪئي ۽ سموري ڄمار ڇڙو گذاريائون. اهي سڀ صوفياڻي مڪتبه فڪر جا پوئلڳ هئا. مندر جي شروع کان هلندڙ روايت جي ابتڙ هاڻوڪي گادي نشين بابا رامداس شادي ڪئي آهي. ان ڪري هاڻي هن مندر کي ”گروشتي گادي“ وارو مندر به چيو وڃي ٿو. يعني اهو مندر جنهن جو گدي نشين شادي شده آهي. هاڻوڪي گدي نشين بابا رامداس جو والد عيدن داس هندو پنچائت جو مکي آهي، جنهن مطابق صديون پراڻي روايت کي بابا تليداس جي مشوري سان تبديل ڪيو ويو آهي. هن مندر تي ٻارنهن مهينن ۾ 2 ميلا (1) گرو نانڪ جي جنم ڏينهن تي (2) شِوِ جي جنم ڏينهن تي لڳن ٿا، جنهن ۾ ڏورانهن هنڌن جا ياتري زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مندر جي عمارت پراڻي عمارت جي مٿان، نئين طرز سان تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا 2005ع ۾ جڙي راس ٿي هئي. مندر ۾ زيارت لاءِ ايندڙ ياترين کي ٽيئي وقت نگر مفت ڏنو وڃي ٿو. مندر جي عمارت ٽه ماڙ آهي. جنهن ۾ هر طبق تي شِوِ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ شِوِ جو ترشول، لنگم ۽ شري ڪرشن جي مورتي وغيره رکيل آهي. ٻئي حصي ۾ گادي نشينن جون مورتيون وغيره رکيل آهن، جن ۾ بابا چيتنداس، بابا وِشنداس، بابا ڪنول داس، بابا مرچو داس، بابا تاملداس، بابا منگل داس، بابا ڌيانداس، بابا جهامنداس، بابا رامداس (هاڻوڪو گادي نشين). شامل آهن. مندر جي عمارت خوبصورت نموني تعمير ٿيل آهي. هيٺئين حصي ۾ ٻه ڪمرا آهن. عمارت پڪين سرن سان سيمنٽ تي اوساريل آهي. هيٺئين حصي واري ديوار کي ڳاڙهو رنگ ڪيل آهي. هڪ چورس دروازو ۽ ٽي لوهي دريون اٿس. پاسي ۾ ٺلهه تي ڇڄو اٿس. مندر جو صحن پڻ سنگ مرمر ۽ ماربل سان ڍڪيل آهي. مٿئين حصي ۾ هڪ وڏو هال ٺهيل آهي. ڇت جي ٻيڙ ٻني تي ديوار کنيل آهي، جنهن تي لوهي ڄاري لڳائي وئي آهي. ڇت تي هڪ ڪمرو به تعمير ڪيل آهي. هن مندر کي سنڌ اندر هندن جي عبادتگاهن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.[1]

حوالا سنواريو