بابا رامداس
بابا رامداس- جو -جنم- 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. سندس اصل نالو چوهڙ سنگهه هو. پر اڳتي هلي فقيري اختيار ڪرڻ کانپوءِ عام لوڪ کيس ”رامداس“ جي نالي سان سڃاڻڻ لڳا. -بابا رامداس- پرڀوءَ جو -ڀڳت- هو ۽ شروع کان ئي سنت کمياداس جي درٻار ۾ ويندو رهندو هو. -ان- درٻار جي سنتن بابا گرداس رام، سوامي سيراداس ۽ سوامي ڪاشي داس جي هڪ ٻئي پويان وفات ڪري وڃڻ بعد هن کي وينتي ڪئي وئي ته هلي گادي سنڀالي. پهرين ته هن انڪار ڪيو، پر نيٺ گهڻي اسرار ڪرڻ تي شرط رکيائين ته درٻار ۾ عطيو ڏيندڙ شخص خلق خدا جي ڀلي لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهندا. تنهن وقت سندس اهو شرط مڃيو ويو ۽ کيس چوهڙ سنگهه جي جاءِ تي ”رامداس“ نالو رکي، درٻار جو گادي نشين ڪيو ويو ۽ ماڻهو درٻار جي روايت موجب هن کي به ”کٽ وارو بابا“ سڏڻ لڳا. سنت -بابا رامداس- ڪرم يوڳي هو. هن جي اندر تڪليف ۾ آيل عام لوڪن جي سهائتا ڪرڻ جو جذبو تمام گهڻو هو. 1935ع ۾ جڏهن -بلوچستان- ۾، زلزلو آيو ۽ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا ته هن پنهنجا سوين مريد ڪوئيٽا موڪليا ۽ متاثرين جي دل کولي هر ممڪن مدد ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ هن کي هندستان لڏي وڃڻو پيو. -ان- وقت هن سنڌ مان هجرت ڪري بمبئيءَ ۾ پهتل سنڌين جي خوب سيوا ڪئي. هيءُ فقيري رنگ ۾ رتل يوگي صفت بزرگ 14 ڊسمبر 1955ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[1]