اخلاق انصاري جو پورو نالو اخلاق احمد انصاري ۽ ادبي نالو اخلاق انصاري آهي، کيس ادبي ورثو سندس والد مرحوم انيس انصاريءَ کان مليو. 24 اپريل 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين، پرائمري تعليم، پي سي اسڪول لاڙڪاڻي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائليٽ اسڪول مان حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊئيٽ ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. شروع کان ئي مختلف علمي ادبي تنظيمن ”گلن جهڙا ٻارڙا“، سنڌي ادبي سنگت انڊس لٽرري فورم، انيس انصاري اڪيڊمي، ايڪسپلورر ۽ شاهه لطيف اسڪائوٽس سان سلهاڙيل رهيو. هو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) رڃ ۾ رابيل(ڪهاڻيون) (2) مان ڪائنات آهيان (ڪهاڻيون (3) اڏوهي (ناول)، جڏهن ته سندس ڪجهه ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن، جن ۾ (1) زندگي ڪجهه به نه ! (2) چهرا چهرا چنڊ (خاڪا) ۽ (3) رت جگي مين ديکها هوا سپنا (اردو ڪهاڻين جو مجموعو) اچي وڃن ٿا. هو هن وقت گورنمينٽ ڪاليج نئين ديري ۾ ڪيمسٽريءَ جي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سچل ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا سنواريو