قاضي محمد علي ’اختر مورائي‘ ولد قاضي عبدالڪريم 8 جنوري 1927ع تي گچيري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گچيري مان حاصل ڪيائين. فارسيءَ جا بنيادي ڪتاب پنهنجي والد ۽ ڀاءُ وٽ پڙهيائين. 43-1942ع ۾ سنڌي فائنل ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران شاعري شروع ڪيائين. ايم.اي سنڌي ۽ ايم. اي فارسيءَ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. 1951ع کان علمي ادبي سرگرمين ۾ آيو، 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جو باني سيڪريٽري ٿيو. -ان- کان سواءِ”بزم لطيف“ قائم ڪري، ان جو سيڪريٽري به ٿيو. قاضي محمد علي هڪ سٺي شاعر هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نگار، مضمون نويس ۽ ناٽڪ نويس به هو. سندس مضمون، شاعري ۽ افسانا، ان وقت جي مشهور ادبي رسالن ماهوار ”فردوس“ هالا ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپيا. هن سنڌيءَ کان سواءِ -اردو- زبان ۾ به شاعري ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ تخلص ”اختر“ ۽ ”مسلم“ ڪم آڻيندو هو، جڏهن ته مزاحيه شاعريءَ ۾ ”علامه کڙپي“ استعمال ڪندو هو ۽ سندس مزاحيه شعر سڄيءَ سنڌ ۾ ائين مشهور هوندا هئا، جيئن نامور شاعر نياز همايونيءَ جا مزاحيه شعر عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ مشهور هئا.[1]

حوالا سنواريو