اختر علي جي قاضي

اختر علي ولد غلام مصطفيٰ قاضي 17 سيپٽمبر 1936ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ ماهر قانون ۽ سماجي خدمتگار هو. کيس ٻہ ڀيرا سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، سندس والد ڪليڪٽر (ڪمشنر)، سيڪريٽري ۽ آبادڪاري ڪمشنر جهڙن اهم عهدن تي رهي چڪو هو.[1]

تعليم سنواريو

اختر علي، مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان پاس ڪئي ۽ گريجوئيشن ايس. ايم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي. پاڻ شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هن ايس ايم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايم. اي اڪنامڪس ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.[1]

وڪالت جون خدمتون سنواريو

ھن 1957ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. هو هڪ بهترين وڪيل هو ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هو لاڙڪاڻي جي لا ڪاليج جو باني پرنسپال رهيو، هن لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج جو پايو وڌو. ان کان علاوه هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”لا فيڪلٽي“ جو ڊين پڻ رهيو.[1]

سياست سنواريو

اختر علي هڪ نوجوان جي حيثيت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ بہ حصو ورتو. هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ٻہ ڀيرا 1980ع ۽ 1985ع ۾ نمائندگي ڪئي. هو 1985ع جي چونڊن ۾ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تي بنا مقابلي چونڊجي هڪ سال تائين رهيو. ان کان پوءِ فيبروري 1986ع ۾ کيس سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس تعليم، قانون، پارلياماني معاملا، ناڻو، ٽرانسپورٽ، مڪاني ادارا، ڳوٺاڻي ترقي ۽ راندين جا کاتا سونپيا ويا. 1988ع ۾ غوث علي شاهه جي استعيفيٰ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪوٺايل خاص اجلاس ۾ 10 اپريل 1988ع تي واضح اڪثريت سان ايوان جو اڳواڻ چونڊيو ۽ ٻئي ڏينهن سنڌ جي وزيراعليٰ جو حلف کنيو، پر سگهو ئي 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءَ طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ سبب سندس حڪومت ختم ٿي وئي، ليڪن ٽن مهينن کان پوءِ صدر غلام اسحاق خان کيس ٻيهر 31 آگسٽ 1988ع تي سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ۽ چونڊن ٿيڻ تائين پاڻ ان عهدي تي فائز رهيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 اختر علي جي قاضي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع