احمد علي خان پتافي

سردار احمد علي خان پتافي، زميندار ۽ پنهنجي قبيلي جو سردار آهي. هو سردار فتح علي خان جي گهر 30 مئي 1942ع تي ڳوٺ گلو پتافيءَ ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيل اٿس. هو 1988ع کان 1990ع تائين ۽ 1993ع کان 1996ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي گهوٽڪيءَ جي تڪ پي ايس 7 مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو.[1]

سردار احمد علي خان پتافي
ذاتي تفصيل
قوميت پاڪستاني
سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو سياستدان

5 جنوري 2018ع تي ھو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ 74 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو .[2][3]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2012ع
  2. "PPP MPA Sardar Ahmed Ali Pitafi passes away". Express Tribune. January 5, 2018. https://tribune.com.pk/story/1601836/1-ppp-mpa-sardar-ahmed-ali-pitafi-passes-away/. Retrieved 10 June 2018. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named thenews.com.pk