ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺاروشاھ ۾ محمد عُمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم مھراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪيائين ۽ 2017ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي شعبي ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. پاڻ ھن وقت سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌيءَ جا ليڪچرار آھن.

ڊاڪٽر احمد سومرو
پيدائش احمد سومرو
ڊسمبر 06 1982(1982-12-06)ع
ٺاروشاھ، نوشھرو فيروز، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي ۾ پي.ايڇ.ڊي
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي
موضوع سنڌي
مُکيه ڪم ”شاھ لطيف جو نفسياتي اڀياس” (ڪتاب)

نجي زندگي سنواريو

احمد سومري 8 سيپٽمبر 2004 تي رخسانه سان شادي ڪئي جنھن مان کين فراز نالي ھڪ پُٽ جو اولاد آھي.

تعليم سنواريو

ڊاڪٽر احمد سومري پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي مھراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن اسڪول مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ سنڌ ماڊل اسڪول ڪراچي، انٽرميڊيٽ گورنمينٽ گلشن ڪاليج ڪراچيءَ مان 2001ع ۾ پاس ڪيائين. ھن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان 2007ع ۾ پوسٽ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو، ان کان پوءِ 2017ع ۾ ساڳي ئي يونيورسٽيءَ مان ’سنڌي‘ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي. سندس پي.ايڇ.ڊي ٿيسز ’سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو‘ جي عنوان سان آھي.

ملازمتون سنواريو

ڊاڪٽر احمد سومري 2010ع ۾ فيڊرل بوائز ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار طور ملازمت جي شروعات ڪئي، 2014 ۾ سنڌ حڪومت جي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو جتي ھاڻ بہ ’سنڌي‘ ٻوليءَ جي ليڪچرار طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.

ادبي ۽ فني خدمتون سنواريو

احمد سومري جا 10 کان مٿي تحقيقي مقالا، ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آھن.[1] ان کان علاوہ سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاھ لطيف جو نفسياتي اڀياس“ شامل آھي.[2]

احمد سومري 2008 کان 2009 تائين پاڪ ٽرانسليشن نالي اداري سان گڏ ڪم ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مشيني ترجمي واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو.

احمد سومري جو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي دور ۾ پڻ نمايان ڪردار رھيو آھي. 2005ع ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي دور ۾ ’سنڌي ڪمپيوٽنگ ويب سائٽ‘ ٺاھي ھُئي جنھنجو ڊومين www.sindhicomputing.tk ھو.[3] ان ويب سائٽ ۾ سنڌي فونٽ، سنڌي سافٽويئر، سنڌي والپيپر ۽ ٻيون شيون پڻ رکيل ھيون. احمد سومري سنڌي ٻوليءَ جا ٻہ فونٽ، [4]MB Sindhi Sahat ۽ MB Ahmed Soomro پڻ ٺاھيا جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي فونٽن جي ويبسائٽن تي پڻ موجود آھي.[5]

تصنيفون سنواريو

احمد سومري جو ”شاھ لطيف جو نفسياتي اڀياس“ جي نالي سان ھڪ ڪتاب ڇپيل آھي ان کان علاوہ مختلف تحقيقي مضمون لکيا اٿس.

حوالا سنواريو

  1. "Ic Ha Ir: Kalachi Research Journal | PDF". Scribd. حاصل ڪيل 2023-08-20. 
  2. "شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-08-20. 
  3. "Wayback Machine". web.archive.org. حاصل ڪيل 2023-08-20. 
  4. "سنڌسلامت | فونٽ | ايم.بي سنڌي ساهت | جو تعارف". font.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2023-08-20. 
  5. "سنڌسلامت | فونٽ ڊولپر | احمد سومرو جو تعارف". font.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2023-08-20.