احمد خان آصف مصراڻي

احمد خان ’آصف‘ ولد محمد اسماعيل مصراڻي، 8 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ مٺي ٻٻر، تعلقي خيرپورناٿن شاھ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. 1936ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ 1939ع ۾ تعليم بالغان ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1959ع ۾ اديب عالم ۽ 1961ع ۾ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيائين. سندس سڄي ڄمار پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري. آخر ۾ هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.[1]

ادبي سفر

سنواريو

پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. 1937ع ۾ حافظ محمد ’احسن چنا‘ ۽ جمع خان ’غريب‘ کان علم عروض جا سبق ورتا هئائين، تنهنڪري علم عروض تي سٺي ڄاڻ رکندڙ هو. هن قديم نوع جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. نثر توڙي نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جيڪي شايع ٿيا، انهن ڪتابن ۾ ’ارمغان آصف‘، ’سيرت خواجه اويس قرني‘، ’سيرت حضرت بلال‘، ’سيرت زيب النساء‘، ’همايون نامون‘، ’گلزار چنبيلي‘، ۽ ’بي حال شهزاديون‘ ۽ ’روميءَ جون رهاڻيون‘ ذڪر لائق آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پڻ سندس ٻاراڻن ٻولن تي تيار ڪيل ڇهه ڪتابڙا ’ٻاراڻا ٻول‘ عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. سندس ادبي خدمتن جي اعتراف طور کيس ’چانديءَ جو تمغو‘ به مليو. پاڻ ’انجمن آفتاب‘ دادو، ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘، ’سنڌ سڌار سوسائٽي ڪَڪَڙ‘ ۽ ’بزمِ طالب الموليٰ‘ وغيره ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ’لوڪ ادب اسڪيم‘ ۾ فيبروري 1957ع کان سيپٽمبر 1958ع تائين ڪم ڪيائين.[1]

13 جولاءِ 1989ع تي سندس ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن سندس گهر تي ڪاھ ڪئي، جنهن ۾ مقابلي دوران زخمي ٿي حيدرآباد ۾ شهادت ماڻيائين. هن حملي ۾ سندس ٻہ نياڻيون بہ شهيد ٿيون.[1]

خاندان

سنواريو

سندس نياڻي گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’سرتيون‘ جي ايڊيٽر آهي.[1]