احمد بخش بدوي ”مٺل“ شاعر ۽ مضمون نگار، شڪارپور جو رهاڪو، نامور شاعر ۽ صوفي فنڪار غلام علي ’مسرور‘ فقير جو وڏو فرزند ۽ بيدل مسرور جو ڀاءُ آهي، جنهن پهرين جولاءِ 1939ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شاعريءَ ۾ غزل، ڪافي، نثري نظم ۽ نثر ۾ مضمون سندس خاص صنفون آهن. ساز ٺاهي، وڄائي ۽ سکيا ڏئي ڄاڻي ٿو. 1971ع ۾ ’سچل سارو سچ‘ ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل اٿس. دادواهي روڊ شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا سنواريو