احمد بخش احمد مورائي

احمد بخش ميمڻ 5 جنوري 1920ع تي موري ۾ ڄائو. پاڻ ٿورو پڙهيل هوندي بہ ننڍي هوندي کان ئي علم ۽ ادب سان چاھ رکندو هو. کيس شاعريءَ جو شوق ’الوحيد‘ اخبار جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ پڙهندي جاڳيو. ان بعد پاڻ پنھنجي منھن شاعري ڪرڻ لڳو، جيڪا گهڻي قدر عشقيہ ۽ صوفياڻي هوندي هئي. موري ۾ ’بزم سعيد‘ پاران شروع ڪيل مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. قصيدا، مناقبا، مناجاتون ۽ نظم لکيائين. سندس پھريون نظم ’اڄوڪو زمانو‘ جي عنوان سان ’اداره آئينہ ادب‘ موري طرفان نڪرندڙ پھرئين ڪتاب ’لھرون لک لباس‘ ۾ شايع ٿيو.[1]