پروفيسر احسان -الله- عرف -احسان دانش- ولد حبيب -الله- مولا بخش ڀٽو 29 -آگسٽ- 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، هن جي -تعليم- ايم. اي. ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان اسلاميات جو پروفيسر هو، جتان -آگسٽ- 2002ع ۾ رٽائر ٿيو. -احسان دانش- جو تعلق علمي ادبي گھراڻي سان هو، سندس ڏاڏو مولا بخش ’مسڪين‘ ڀٽو -بيت- جو وڏو شاعر هو سندس والد حبيب -الله- مولا بخش ڀٽو به هڪ سٺو شاعر ۽ مشهور اديب ٿي گذريو آهي، -ان- ڪري خانداني اثر هيٺ احسان -الله- دانش کي به ادب ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ 1953ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪيترا اهم مضمون جھڙوڪ: ’شڪارپور جو ماضي ۽ مستقبل‘، ’رحمت اللعالمينصه‘، ’Ethic of Holy Prophet‘، ’هجري سن‘ ۽ ’سکر دريا‘ وغيره مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن ’-تعليم-‘ -اخبار- به -جاري- ڪئي، جنهن جو پهريون پرچو 14 -آگسٽ- 1958ع تي نڪتو ۽ -ان- جا ڪل ٽي پرچا نڪتا. -ان- کانپوءِ -آڪٽوبر- 1986ع کان اها -اخبار- ’-تعليم- سلسلو‘ مئگزين جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي، جنهن جا -اٺ- پرچا نڪتا. بعد ۾ جون 1989ع کان اهو سلسلو ’سرهاڻ پبليڪيشن شڪارپور‘ جي نالي سان شروع ڪيائين، جنهن جا چار پرچا نڪتا هئا. پروفيسر احسان -الله- ڀُٽي 27 جون 2010ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو