احسان الله شاهه راشدي
ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
پير سيد احسان الله شاهه راشدي سنڌي: پنجون پير جهنڊي وارو, پير احسان الله شاهه)اردو: سید احسان اللہ شاہ راشدی پیر جھنڈہ پنجم) ولد پير رشد الله شاهه راشدي تاريخ 27 رجب سن 1313ھ بمطابق 13 جنوري 1896ع تي ڳوٺ پير جھنڊي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو، تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ”دارالرشاد“ مان حاصل ڪيائين. علمي فراغت کان پوءِ پاڻ کي پيريءَ مريديءَ ۾ مشغول رکيائين. هي وڏو علم دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن عاليشان ڪتبخانو تيار ڪيو. ان کان سواءِ کيس تحرير ۽ تقرير جي فن ۾ به مهارت حاصل هئي. سندس لکيل ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن: (1) رسـالــو ’الـمـقـالة الـمـحبـوبـة فـي الـدعـاءِ بعـد صـلـواة امـڪتوبة‘، (2) ’خيمة الزجاجة في شرح ابن ماجة‘. جڏهن سنڌ ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو ته پاڻ ان ۾ ڀرپور حصو وٺي انگريزن خلاف ڪم ڪيائين.[1] [2] [3] [4]
وفات
سنواريوتاريخ 15 شعبان سن 1358ھ مطابق 27 سيپٽيمبر 1939ع تي درگاهه شريف پير جهنڊو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
حوالا
سنواريوھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org.
- ↑ "CONTRIBUTIONS OF ALLAMA SYED IHSANULLAH SHAH RASHDI TOWARDS RELIGION AND EDUCATION||The Scholar Islamic Academic Research Journal || www.siarj.com || ISSN: 1234-5465 Home".
- ↑ "رسائل و جرائد - مضامین". rasailojaraid.com.
- ↑ "Majallah Bahrul Uloom Muhaddis Ul Asar No ( Muhibullah Shah Rashdi)".