تصوف موجب ڪنهن وجود جي برقرار هئڻ جو اقرار. ڪنهن جي هئڻ جو ثبوت پيش ڪرڻ يا تصديق ڪرڻ جي لاءِ دل سان مڃتا ڪرڻ ۽ زبان سان ان جو اقرار ڪرڻ. تصوف جي تعليم موجب الله پاڪ کان سواءِ باقي ٻي هر شيءِ جي وجود جو انڪار ڪرڻ ۽ صرف الله پاڪ جي ذات کي موجود سمجهڻ ۽ ان جي هر وقت موجود ۽ قائم رهڻ جو اقرار ڪرڻ اثبات آهي. ڪلمي شريف ۾ لا الہٰ جو فقرو غيرالله جي نفي ڪري ٿو ۽ الاالله جو جملو ذات پاڪ جي اثبات ڪري ٿو. اهڙي عمل ۽ فعل کي اثبات چوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو