اتساھ (Inspiration) تخليقي تحرڪ ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ ته ليکڪ ڪنهن ٻئي کان متاثر ٿي لکي، ٻيو کيس اهڙو اتساھ پنهنجي اندر مان ملي. ٻين ليکڪن مان اتساهه وٺڻ جو وڏو مثال موجوده دؤر ۾ شيخ اياز آهي، جنهن کان ڪيترا نوان شاعر متاثر ٿي ساڳئي انداز ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. شيخ اياز تي وري ڪشنچند بيوس ۽ شاھ لطيف جو اثر هو. سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ڪيترن ڪھاڻيڪارن امرجليل ۽ جمال ابڙي جو اثر قبوليو يا انھن جي تحرير مان اتساھ ورتو آهي. تخليقي قوت، اتساھ ۽ ڏات تي منحصر آهي.[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.