اتر (اتر جو واءُ)
سنڌ ۾ اُتر طرف جو واءُ سياري ۾ لڳندو آهي ۽ سيءَ کي آڻيندو آهي، (جنهن ۾ ٻيڙياتا ٻيڙا هاڪاري سفر تي اُسهندا آهن). ساوڻيءَ جو مينهن پڻ سنڌ ۾ اُتر اوڀر کان ايندو آهي، تنهنڪري پکي پکڻ ۽ ماڻهو، سڀ کي اُتر جي مينهن جي اُڪنڊ هوندي آهي.
”لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي!“ (شاھ)
شاهه جي ڪن ڄاڻن جي راءِ آهي ته اُتر واءَ جي اها معنيٰ نه آهي، پر اُتر معنيٰ ’سوايو واءُ‘ آهي، ڇو ته سوايي واءَ سان ڪينجهر ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، ان جي شاهديءَ شاهه جو ٻيو بيت ڏنو وڃي ٿو: هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونئر ترن، ورئي واهوندن، ڪينجهر هندورو ٿئي! واهوندا، ڏکڻ اولھ جا واءَ، سوايا واءِ هوندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ اتر انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) ، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع