ڪتاب ابيات سنڌي ۾ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 بيت ڏنل آھن، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو ذخيرو آھي. خواجہ صاحب 1125ھ 1713ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ 1774ع ۾ وفات ڪيائين. خواجہ صاحب جي انھن بيتن جي شرح سندس شاگرد جيد عالم، ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکي. ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ اھا شرح 1180 – 1185ھ بمطابق 1766-1771ع ڌاري لکي ھئي.

خواجه صاحب جا بيت تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئا. پر انھن جي عربي ٻوليءَ ۾ شرح ھڪڙي ئي رسالي ۾ ’ابيات سنڌيءَ‘ جي نالي سان قلمبند ڪئي وئي ھئي، جيڪو سڀ کان پھرين 1939ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرحوم عربي عبارت کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ خواجہ صاحب جي بيتن ۾ آيل تصوف جي موضوع تي گرھوڙي صاحب جا صوفيانہ نڪتا بيان ڪيل آھن. ڪتاب جي ابتدا ۾ خواجه محمد زمان جي حياتيءَ جو احوال، شاھ لطيف جي خواجه صاحب سان ملاقات، تصوف بابت خواجه صاحب جا ارشادات، اسلامي تصوف تي ھڪ باب ۽ شيخ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سوانح عمري شامل آھن.

ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان ڇاپيو ويو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ابيات سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويبسائيٽ، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.