ابو الفضل
ابوالفضل اڪبر اعظم جي درٻار جو رتن، سنڌ جي شھر سيوهڻ جو ويٺل هو. 6 محرم 958ھ/ 14 جنوري 1515ع ۾ ڄائو. پنھنجي والد شيخ مبارڪ کان تعليم ورتائين. مضمون جي صنف ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. 981ھ/1573ع ۾ اڪبري درٻار سان وابستہ ٿيو. تحرير جي ڪمال ۽ خلوص سبب خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، پر هن جو عھدو ٽن هزار سپاهين جي سالار کان اڳتي نہ وڌيو. اڪبر بادشاھ جڏهن ’دين الاهي‘ جوڙيو تہ ان آزاد خيال دين جي سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ زندگيءَ جي مختلف رُخن جي قانونن جوڙڻ ۾ هن رهنما جو ڪردار ادا ڪيو. اڪبر بادشاھ آخري دؤر ۾ هن کي حيدرآباد دکن موڪلي ڇڏيو، جتان واپسيءَ تي، شھزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ٻنڌيلہ رئيس‘، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011ھ/22 آگسٽ 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس بنا منڍيءَ وارو لاش آگري ۾ دفن ٿيو.
ابوالفضل جي تصنيفن مان ’اڪبر نامو‘ (3جلد)، ’آئين اڪبري‘، ’انشاء ابوالفضل‘ (ٽي مجموعا) مشھور آهن. ’عيار دانش‘ بہ هن جي تصنيف ٻڌائي وڃي ٿي. فارسي تحرير ۾ اڄ بہ هن کي ساراهيو وڃي ٿو. هيءُ اڪبر بادشاھ جي نون رتنن مان هڪ هو.[1]