ابن الهيثم

عرب رياضيدان، طبعياتدان ۽ فلڪياتدان
(ابن ھيثم کان چوريل)

حسن بن ابن الھيثم (Hasan Ibn al-Haytham)، يورپ ۾ الهيزن (Alhazen) جي نالي سان مشھور اهي.[8] مڪمل نالو، أبو علي، الحسن بن الحسن بن الهيثم [9][10][11][12][13] آهي، هڪ مسلم رياضي دان، طبعيات دان ۽ ماهر فلڪيات ھو.[14] کيس جديد بصريات جو ابو سڏيو ويندو آھي.[15][16]

حسن ابن الھيثم
(الھيزن)
پيدائش ت. 965 (0965) (c. 354 AH)[1]
بصرو، عراق
وفات سانچو:Death-date (c. 430 AH)[2]
قاھرہ، مصر، فاطمي خلافت
رھائش
شھرت جو ڪارڻ ڪتاب المناظر، ابھام ، الھيثم جو مسئلو، تجزيو[3] ڪيٽاپٽرڪس(Catoptrics)

,[4] ھاراپٽر , مون اليوژن, تجرباتي سائنس, سائنسي ميٿڊالاجي [5] وژيوئل پرسيپشن, ايمپريڪل ٿيوري آف پرسيپشن,

جانورن جي نفسيات[6]
اِنفلوئنس شخصيتون ارسطو، اقليدس, بطليموس، گالن(Galen)، بنو موسي، ثابت ابن قرہ، الڪندي، ابن ساحل، ابو سهل القوحي
فائل:10IQDfront.jpg
عراقي 10 دينارن جي نوٽ تي ابن الھيثم جو ڦوٽو
فائل:10000IQDfront.jpg
عراقي ڏھ هزار دينار جي ڪرنسي نوٽ تي ابن الھيثم جو ڦوٽو

زندگيءَ جو احوال

سنواريو

ابو علي حسن ابن الھيثم 965 ۾ بصري ۾ پيدا ٿيو. کيس يورپ ۾ الھيزن جي نالي سان سڏيندا آهن.ھن بغداد ۾ تعليم حاصل ڪئي. نوجواني ۾ ئي کيس بصري ۾ سرڪاري نوڪري ملي. ھن لاء مشھور آھي تہ ھر سال مصر ۾ نيل درياء پاڻيءَ جي چاڙھ جي ڪري ٻوڏ ايندي هئي جنھن کي قابو ڪرڻ لاء ھن خليفي کي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي کيس قاھرہ موڪليو ويو. جڏھن ھن نيل درياء جو جائزو ورتو تہ اسوان لڳ درياءَ جو پيٽ 1.6 ڪلوميٽر ويڪرو ھو جنھن تي کيس اندازو ٿيو تہ موجود وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان ڊيم ٺھڻ ممڪن ناھي جنھن ڪري ھن خليفي جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ديوانو ٿيڻ جو ناٽڪ ڪيو ۽ ٻارھن سالن تائين گھر ۾ نظربند رھيو جتي کيس اھم ڪم ڪرڻ يعني ڪتاب المناظر لکڻ جو موقعو مليو.[17] ھن جي شاگردن ۾ فارڏ جي شھر سيمنان جو سرخاب (سھراب) ۍ ھڪ مصري شھزادو ابوالوفا مبشر ابن فاطق مشھور آھن[18] ان وقت ھن جو اھو گھر جامعہ الازھر جي لڳ واقع ھو[19] ابن الھيثم 1040 ۾ وفات ڪئي.[17]

سائنس لاءِ خدمتون

سنواريو

ھن کي بصريات جي سائنس (Optics) جو باني چوندا آهن. ھن جو اھم ڪم اک جي ڍانچي ۽ ۽ ان جي ڏسڻ جي عمل جو مطالعو ھيو. ھن پاڇن ۽ عڪس جي عمل ذريعياھو ٻڌايو ته روشني شين سان ٽڪرجي سڌي لڪير وانگر سفر ڪندي اکين ۾ داخل ٿيندي آهي. ھن اھو ظاھر ڪيو تہ اکين جي نظر جيستائين اکين جي پردي تائين نہ ٿي پھچي تہ ھڪ غير فعال مظھر آھي. ھن اھو بہ ٻڌايو ته اقليدس ۽ بطليموس وارن جو اھو خيال صحيح ناهي تہ اکيون شعاع خارج ڪنديون آهن نہ ئي وري نظر اھڙن شعاعن مان نڪرندڙ آھي.ھن جي تحقيق مطابق ھر رنگدار جسم جي ھر ان نقطي جيڪو روشني سان منور ٿئي ان مان سڌي لڪير جيان روشني ۽ رنگ خارج ٿيندا آهن ۽ شين کي ڏسڻ لاءِ صرف اسان کي اکيون کولڻيون پونديون آهن تہ جيئن روشني اکين ۾ داخل ٿي سگھي. ھن ڏاند جي اکين تي تجربا ڪري ڏٺو تہ روشني ھڪ باريڪ سوراخ يا پتلي مان اک ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ ھڪ عدسي يعني لينز lense جي تي اچي پوء ھڪ حساس پردي تي پوندي آهي جنھن کي ھاڻي ريٽينا چون ٿا جيڪو اک جي پٺيان هوندو آهي .ھن مطابق اک بہ ھڪ عدسو يا لينز آھي.[20]

 
ڪتاب المناظر جو لاطيني ٻولي ۾ ترجمو ٿيو اھڙي طرح محفوظ ٿي ويو . لاطيني ڪتاب جو ٻاھريون صفحو

ھن جو سڀ کان وڌيڪ نالي وارو ڪتاب المناظر (Book of Optics) آھي جيڪو ستن جلدن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ھن نور جو نظريو ۽ بصارت جو نظريو ڏنو جيڪي ھن کانپوءِ 650 سالن تائين غالب رھيا. ان ۾ ھن روشنيءَ جي رخ مٽجڻ جو بہ جائزو پيش ڪيو. ھن ڪتاب يورپ جي پوء ايندڙ سائنسدانن کي ڏاڍو متاثر ڪيو جن ۾ فرانسس بيڪن بہ شامل ھو. ھي ڪتاب ھن 1011 کان 1021 تائين واري عرصي ۾ لکيو ھو. 1030 ۾ ھن A discourse on light نالي ڪتاب ۽ ٻيو On the light of the moon نالي ڪتاب پڻ لکيا.[21]

 
ابن الھيثم جو مسئلو يا ٿيورم (theorem)
 
الھيزن يا ابن الھيثم جي جاميٽري مطابق ثابت ڪيل summation وارو فارمولو
 
الھيثم جا چنڊ. ٻه نيرني رنگ جي چنڊ جھڙيون شڪليون سائي رنگ ۾ ڏيکاريل ٽڪنڊي جي شڪل جي ايراضيءَ برابر ٿينديون
  1. Falco 2007.
  2. Rosenthal 1960–1961.
  3. O'Connor & Robertson 1999.
  4. El-Bizri 2010, p. 11: "Ibn al-Haytham's groundbreaking studies in optics, including his research in catoptrics and dioptrics (respectively the sciences investigating the principles and instruments pertaining to the reflection and refraction of light), were principally gathered in his monumental opus: Kitåb al-manåóir (The Optics; De Aspectibus or Perspectivae; composed between 1028 CE and 1038 CE)."
  5. Rooney 2012, p. 39: "As a rigorous experimental physicist, he is sometimes credited with inventing the scientific method."
  6. Baker 2012, p. 449: "As shown earlier, Ibn al-Haytham was among the first scholars to experiment with animal psychology.
  7. A. Mark Smith (1996). Ptolemy's Theory of Visual Perception: An English Translation of the Optics. American Philosophical Society. pp. 58. https://books.google.co.in/books?id=mhLVHR5QAQkC&printsec=frontcover#v=onepage&q&f=false. 
  8. Also Alhacen, Avennathan, Avenetan (etc.); the identity of "Alhazen" with Ibn al-Haytham al-Basri "was identified towards the end of the 19th century". (Vernet 1996, p. 788)
  9. J., Vernet,. "Ibn al-Hayt̲h̲am". Encyclopaedia of Islam. "Abu ʿAlī al-Ḥasan b. al-Ḥasan b. al-Hayt̲h̲am al-Baṣrī al-Miṣrī , was identified towards the end of the 19th century with the Alhazen , Avennathan and Avenetan of mediaeval Latin texts. He is one of the principal Arab mathematicians and, without any doubt, the best physicist."
  10. Simon 2006
  11. "OPTICS – Encyclopaedia Iranica". www.iranicaonline.org. 
  12. "Ibn al-Haytham | Arab astronomer and mathematician". Encyclopedia Britannica. 
  13. Esposito, John L. (2000). The Oxford History of Islam. Oxford University Press. p. 192. : "Ibn al-Haytham (d. 1039), known in the West as Alhazan, was a leading Arab mathematician, astronomer, and physicist. His optical compendium, Kitab al-Manazir, is the greatest medieval work on optics."
  14. For the description of his main fields, see e.g. Vernet 1996, p. 788 ("He is one of the principal Arab mathematicians and, without any doubt, the best physicist.") Sabra 2008, Kalin, Ayduz & Dagli 2009 ("Ibn al-Ḥaytam was an eminent eleventh-century Arab optician, geometer, arithmetician, algebraist, astronomer, and engineer."), Dallal 1999 ("Ibn al-Haytham (d. 1039), known in the West as Alhazan, was a leading Arab mathematician, astronomer, and physicist. His optical compendium, Kitab al-Manazir, is the greatest medieval work on optics.")
  15. "International Year of Light: Ibn al Haytham, pioneer of modern optics celebrated at UNESCO". UNESCO. حاصل ڪيل 2018-06-02. 
  16. "The 'first true scientist'" (en-GB ۾). 2009. http://news.bbc.co.uk/2/hi/7810846.stm. 
  17. 17.0 17.1 ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور
  18. Sajjadi, Sadegh, "Alhazen", Great Islamic Encyclopedia, Volume 1, Article No. 1917;[تصديق گھربل]
  19. For Ibn al-Haytham's life and works, (Smith 2001, p. cxix) recommends (Sabra 1989, pp. vol.2, xix-lxxiii)
  20. ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور؛ صفحو 33 ۽ 34
  21. ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور، صفحو 34 ٔ۽ 35