ابھام (Vagueness) مڪمل مطلب سمجهائڻ کان قاصر ڳالهه کي ادبي اصطلاح ۾ “ابهام” چيو ويندو آهي. شاعر يا اديب ڪا خاص ڳالهه پهچائڻ لاءِ مبهم لفظن جو استعمال ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شعر يا عبارت مان ٻڌندڙ يا پڙهندڙ فوري ڪا معنيٰ يا مفهوم حاصل نه ڪري سگهي ته چئبو ان ۾ “ابهام” آهي. مطلب خيالن ۽ لفظن جي ادائگيءَ يا مضمون ۾ ڪا پيچيدگي يا فنڪارانه مبالغو شامل هجي يا ڪو اديب يا شاعر به ڳالهه کي اڌ لڪل يا مبهم رکندو هجي ته ان کي ”ابهام“ چئبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.