ابن سعد
ابن سعد | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ترميم |
ابن سعد جو پورو نالو ابو عبدالله محمد بن سعد بن منيع البصري هو ۽ 168ھ/ 784ع ۾ بصري ۾ ڄائو. خداوند ڪريم کيس اعليٰ ذهانت سان نوازيو هو. عمر جو وڏو حصو بغداد ۾ رهي، وڏن وڏن عالمن وٽان علم پرايائين. سندس استادن ۾ علامہ واقدي جو نالو سر فھرست آهي، جنھن جي تحريرن کي مددگار جي حيثيت سان مرتب ڪندو رهيو، انهيءَ ڪري ”ڪاتب الواحدي“ سڏجڻ لڳو.
استاد جي وفات کان پوءِ ٻارهن جلدن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب عربي زبان ۾ قلمبند ڪيائين، جيڪو ”ڪتاب الطبقات الڪبير“ جي نالي پڌرو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻنهي جھانن جي سردار، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي حيات بابرڪات، سندن اصحاب سڳورن جي سوانح مبارڪ ۽ تابعين جي جامع ۽ مڪمل معلومات هٿ ڪري، محفوظ ڪيائين. سندس هي ڪتاب ”طبقات ابن سعد“ جي نالي سان اسلامي تاريخ ۾ مستند ۽ بنيادي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انهيءَ لکڻ ۾ وڌاءُ نہ ٿيندو، تہ مذڪوره ڪتاب جھڙو جامع ۽ مفصل ڪتاب اڄ تائين ٻيو ڪو نہ لکيو ويو آهي. 1904ع کان 1907ع تائين، جرمنيءَ جي چند عالمن هن ڪتاب کي اٺن جلدن ۾ نئين آب ۽ تاب سان نھايت سھڻي نموني ۾ ڇپرائي محفوظ ڪيو آهي. ابن سعد هڪ متقي، پرهيزگار ۽ خدا جي پيارن ٻانهن مان هو. ڪافي شاگرد هيس، جيڪي اعليٰ پايي جا عالم سڏيا ويا. 4 جمادي الآخر 230ھ مطابق 16 فيبروري 845ع تي بغداد ۾ وفات ڪيائين. ”ڪتاب الطبقات الصغير“ نالي سندس هڪ ٻي تصنيف بابت بہ شھادتون ملن ٿيون.[1]