ابن بيطار
مسلمان سائنسدان، ماهر نباتيات، ابن بيطار يارهين صدي عيسويءَ ۾ پيدا ٿيو. علم نباتيات جي ڄاڻ خاطر آفريڪا کانسواءِ ڪيترن ئي ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيائين. مصر ۾ هن ماهر نباتيات جي حيثيت سان ڪم ڪيو. جتي هن مختلف جڙي ٻوٽين تي تحقيق ڪئي. ابن بيطار جا ٻه مشهور ڪتاب، جن ۾ ”الجامع في الادويه المفروده“ جنهن ۾ قدرتي ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ دوائن ۽ ان جي فائدن ۽ نقصانن جي باري ۾ لکيل آهي ۽ ٻيو ”المغني في الحلاج بالا دويه المفرده“ هن ڪتاب ۾ دوائن مان ٿيندڙ فائدن جو ذڪر ٿيل آهي.[1]