ابراهيم شاھ بخاري جو ميلو

ابراهيم شاھ بخاريءَ جو ميلو، هر سال 21، 22 ۽ 23 ربيع الاول تي ڳوٺ شاھ بخاري تعلقي حيدرآباد ۾ ڌام ڌوم سان ملھايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ مولود شريف جي محفل ٿيندي آهي. ان کان علاوه هن ميلي ۾ ابراهيم شاھ بخاري تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي آهي. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريد ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.[1]