ميون -ابراهيم آڌيلو- شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ويجهن خليفن مان ٿي گذريو آهي هي ذات جو سومرو ۽ کاري شهر جو رهاڪو هو. روايت آهي ته کيس ڀٽائيرح کان حڪم مليو ته کاري شهر ۾ وڃي رهه، هيءُ اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار نه هو پر ڀٽائي جي حڪم تي کاري شهر ۾ رهيو. روايت آهي ته هڪ ڀيري شاهه ڀٽائي وٽس ڀيرو ڪرڻ ويو. ابراهيم آڌيلي، شاهه سائينءَ کي عرض ڪيو ته ”مون اوهان جي چوڻ تي اچي کارو وسايو ۽ هتي گهاريو. هاڻ مون وٽ اوهان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“ جنهن تي کيس شاهه سائين چيو ته: ”تون اتي ئي رهه، البت اسان توکي پنهنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان -ابراهيم آڌيلو- آهين.“ هن درگاهه تي پهچڻ لاءِ گهوڙا ٻاريءَ کان خانپور جي ڳوٺ پهچبو ته سامهون ابراهيم آڌيلي جا قبا نظر ايندا.[1]

حوالا سنواريو