ائڪمي ازم (Acmeism) لفظ ’ائڪمي‘ جي معنيٰ آهي ڪمال يا اَوج، پر ادب ۾ هڪ تحريڪ، جيڪا 20 صديءَ جي شروع ۾ روسي شاعرن جي هڪ گروه علامت نگاريءَ (Symbolism) جي خلاف هلائي هئي. ان جو گهڻو بيان ”اپولون“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيو. هيءَ تحريڪ گهڻو وقت هلي نہ سگهي ۽ 1920ع ڌاري ختم ٿي وئي، پر هن تحريڪ ۾ ڪيترا چڱا ناميارا شاعر شريڪ هئا، جن ۾ نڪولائي گميليف (1921- 1886ع)، اوسپ مينڊلسٽم (1940-1891ع) بہ شامل هئا تہ اينا اخماتوف (1967- 1889ع) بہ، جنھن کي سريلن گيتن جي ليکڪا طور وڏي مڃتا حاصل آهي.[1]

Nikolai Gumilyov نڪولائي گميليوف جوانيءَ ۾ جمنازم جي اسڪول ۾

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.