مک مينيو کوليو

علامت نگاري (Symbolism) نه صرف ادبي لاڙو اھي بلڪ ھڪ اسلوب ۽ انداز به اھي ڪنھن حد تائين ھڪ رمز بھ اھي. ھن جي ابتدا يورپ کان ٿي. خاص طور 19 صديءِ جي اخر ڌاري هن تحريڪ کرانس ۾ زور پڪڙيو شاعرن ۽ مروج بياني انداز کي ڇڏي علامت نگاريءَ وارو يا اھڃاڻي انداز اختيار ڪيو. يورپ توڙي روس ۾ ھي انداز بيان گھڻو مقبول ٿيو. مشهور ڪهاڻيڪار ايڊگرايلن پو سڀ کان اڳ اها دعويٰ ڪئي ته ابهام جي موجودگي ۾ هڪ لازمي جزو آهي هن اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته لفظ علامت ۾ بدلجي وڃي ٿو ته نئين لڪل (مبهم) صورت ۾ اهو بي معنيٰ نٿو رهي. ايشيا جي ادبي لاڙن تي يورپ جو اثر رھندو آيو آهي ۽ ائين ھيءَ تحرير ھتي بھ پھتي. قديم سنڌي شاعري يا وچئين دور جو شاعري تصوف جي لبادي ۾ پاڻ کي ڍڪي رکيو ھو ۽ جديد شاعر جڏھن ڪجھھ اشاريت ۽ رمزيت ۾ چوڻ گھريو تھ ھنن علامتن ۾ اھڃاڻ جو سھارو ورتو. سنڌي ادب يج تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته علامت نگاريءَ جو لاڙو تمام قديم آهي. مثال طور قاضي قادن کي ڏسو، جنهن مرشد لاءِ علامتي طور ’جوڳيءَ‘ جو لفظ ڪتب آندو: ”جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾“ اهڙي طرح شاهه ڪريم، شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف، سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن ڪيتريون ڳالهيون داستانن کي علامتي انداز ۾ آڻي پيش ڪيون آهن. شاهه لطيف جي علامت نگاريءَ تي پي. ايڇ. ڊي به ٿي چڪي آهي. انگريزن جي دور ۾ افسانوي ادب ۾ خاص طور تي علامت نگاريءَ جو لاڙو مروج ٿيو. امر لعل هنڱوراڻي ۽ آسا نند مامتورا اهم ڪهاڻيڪار هئا. ورهاڱي کانپوءِ امر جليل، ماڻڪ، لعل پشپ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين ۾ هي لاڙو ملي ٿو.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: ذسنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.