آڀيرَ، اوائلي سنڌ جو ھ ڪ حصو

آڀير: اِھو نالو مھاڀارت جي ”سڀا پروَ ۽ ڀيشم پروَ“ ٻنھي ۾ ملي ملي ٿو. جنھن بابت اھو ذڪر ملي ٿو تہ اھو صوبو سنڌ ۾ سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي ھيو. جديد سنڌ صوبو پھرين عربي سمنڊ جي ٻئي طرف بہ پکڙيل ھو ۽ اُن صوبي جا سڀ رھواسي آڀير سڏائيندا ھئا.[1]

اھي سڀ مھاراج يڌشٽر جي ماتحت ھئا ۽ مارڪنڊيہ پُراڻ جي مطابق ان حصي جا مليچ ڀارت تي بہ حڪمراني ڪندا. اڳتي ھلي ڪري اھو درست ثابت ٿيو، جيئن پوليندَن سان ٿيو. پوليندَن جي طرف کان سڪندراعظم ڀارت کي فتح ڪيو ۽ آڀيرن جي طرف کان محمد غوري ڀارت تي سوڀ حاصل ڪئي. اھي آڀير لوڪ (ماڻھو) پھرين براھمڻي تھذيب ۾ ڪشتريہ ھئا، پر بعد ۾ انھن ان سان پنھنجو لاڳاپو ٽوڙي ڇڏيو. جيڪي ڪشتريہ پرشُورام کان ڊڄي ڪاڪيش جي جابلو خطن ۾ لِڪي ويا ھئا، بعد ۾ اھي ئي آڀير سڏيا ويا ۽ جنھن جڳھ بہ اھي رھيا، اھو آڀير ملڪ سڏيو ويو.

حوالا سنواريو

  1. شريمد_ڀاڳوتم، اسڪنڌ 2،اڌياءُ 4، شلوڪ 18