آوي
آوي اُها جاءِ، جتي ڪنڀار مٽيءَ مان گهڙيل ٿانو پچائي. ان جاءِ کي ’نهائين‘ به چوندا آهن.
آويءَ ۾ ٿانون پچائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي ته پهريائين سڄي آويءَ جي تر ۾ ڀاڻ جو تھ وڇائبو آهي. پوءِ ٿانوَ اهڙي ترڪيب سان رکبا آهن، جيئن هر ٿانءَ کي باھ جي ڄَرَ چڱي طرح پچائي. ان کان پوءِ سڄي آويءَ کي ٿاڦن ۽ ڪڻاهن سان ڍڪي، انهن جي مٿان وري به ڀاڻ جو هلڪو تھ ڏيئي، مٿان مٽيءَ جو هلڪو تھ وڇائي ڇڏبو آهي. سڄي آويءَ کي باھ يڻ بدران، فقط هڪ طرف، هوا واري پاسي کان هڪ فوٽ کن ڳڙک ڇڏبو آهي، جتان آويءَ کي باھ ڏيڻ لاءِ مُوئو ٻاري ڏبو آهي. آهستي آهستي سڄي آويءَ ۾ باھ پکڙجي ويندي آهي. آويءَ ۾ هنڌ هنڌ منگها (هوا جي لنگھ جا سوراخ) ڇڏبا آهن، جيڪي آويءَ جي تپش تي ضابطو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن منگهن کي پڪل ٺڪرن سان ڍڪي رکندا آهن. ستن ڏينهن کان پوءِ کولبي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ آوي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع