آهورو
آهُرو يا آهورو چوپائي مال جي چاري کائڻ لاءِ ڪُونَر، مٽيءَ يا سِرُن جو چورس يا مستطيل حوض، جنھن ۾ گاھ وغيره وجهبو آهي تہ جيئن چوپايو مال، جهنگ چري، اچي آهوري ۾ گاھ ۽ ڏارو وغيره کائي ڍءُ ڪري. انهيءَ ڪري چوڻي آهي تہ ’جن کاڌو آهورن ۾، سي پاهورن ۾ ڪيئن کائيندا؟‘ (پاهورو يعني توبرو).
ٿر ۾ ٽوهن وجهڻ لاءِ کوٽيل کڏ کي بہ آهورو چئبو آهي. ٿر ۾ جيڪو ڏُٿ گڏ ڪندا آهن، اُن ۾ ٽوھ بہ شامل هوندو آهي. ان جو تفصيل هن طرح آهي تہ گهر جي اڱڻ ۾ يا ڪنھن محفوظ جاءِ تي هڪ وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ تازن ٽوهن جون ٽوڪريون ۽ ڀريون وجهندا ويندا آهن. جڏهن کڏ جا ٽي حصا ڀرجي ويندا آهن، تڏهن باقي کڏ کي واريءَ سان ڀري ڇڏيندا آهن. گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهيءَ کڏ مان ٽوهن کي ڪڍي، انهن کي ڏنڊن سان ڪُٽي يا انهن تي هلر ڪاهي، وائُري، ٻج ڪڍي صفا ڪري رکندا آهن. اُها کڏ، جيڪا ٽوهن سُڪائڻ لاءِ کوٽي ويندي آهي، ان کي آهرو ۽ سڪل ٻجن کي ’ڪُوريون‘ (ڪُريون) چوندا آهن. ٿر جا ماڻهو اهي ٻج گڏ ڪري گُنديون ڀري رکندا آهن ۽ مھينن جا مھينا صرف انهن ڪرين تي گذران ڪندا آهن. کائڻ کان اڳ انهن ٻجن کي دانگيءَ تي ڀُڃي، ان ۾ ٿورو لوڻ ملائي، پوءِ ڀڳڙن وانگر ٻُڪ ڀري کائيندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ آهورو : (Sindhianaسنڌيانا)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.