ھر مادي مڇيءَ ۾ آني ٿيندي آھي، جيڪا دراصل مڇيءَ جو ٻج يا آنا آھي (مڇيءَ ۾ آنيون ھميشه ٻه ٿينديون آھن) . مڇيءَ ۾ آني ننڍي ٿئي ٿي، پر آنياري پلي ۾ به وڏيون آنيون ٿينديون آھن. ھر ڪنھن مڇيءَ جي آنيءَ جي خاصيت جدا جدا ٿئي ٿي. حڪيمن موجب طبي لحاظ کان ڏنڀري جي آني بلغم کي گھٽائي ٿي. نڙيءَ ۽ آواز کي صاف ڪري ٿي. قوت باھ کي وڌائي ٿي. تازي آني لوڻي رکڻ کان پوءِ به رڌي ڪم آڻجي ته فائديمند ٿئي ٿي.[1]

Ovum

حوالا سنواريو