سيد آندل شاھ بخاري (انگريزي:Syed Andal Shah Bukhari) بزرگ شخصيت هو. سندس مزار سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي شھر جوهي ۾ واقع آهي. سندس درست ۽ اصل نالو عادل شاھ بخاري آهي. محققن موجب عادل شاھ عرف عام آندل شاھ بخاري سنڌ جي نامور شاعر استاد بخاري جو تڙ ڏاڏو هو جيڪو اُچ شريف، پنجاب مان آيو هو. عادل شاھ جو شجرو اُچ جي سيد شير شاھ جلال الدين سرخ پوش بخاري سان ملي ٿو. اهو تاريخي ذڪر استاد بخاري فن ۽ شخصيت ۽ عشق عقل استاد ڪتابن ۾ ملي ٿو. آندل شاھ بخاري جو هرسال جوهي شهر ۾ ميلو منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ دڪان سجايا ويندا آهن ۽ ملاکڙو به ٿيندو آهي.[1][2][3]

آندل شاهه بخاري جي مزار

حوالا سنواريو