آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن

آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن ميمڻ برادريءَ جي مختلف سماجي ڪمن جي انجمنن جي فيڊريشن آھي. هيءَ تنظيم 28 آگسٽ 1953ع ۾ قائم ٿي. اُن جو پھريون صدر (1953ع کان 1956ع تائين) حاجي عبدالشڪور حاجي علي محمد تمبي هو. پاڪستان ۾ رهندڙ 66 مختلف ميمڻ برادرين جي تنظيمن تي مشتمل هن فيڊريشن جو بنياد ان ڪري وڌو ويو ته جيئن ميمڻ برادريءَ لاءِ فلاح ۽ بھبود جي ڪوششن کي گڏيل طريقي سان سرانجام ڏنو وڃي. هيءَ تنظيم رضاڪاراڻي طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪيترن ئي فلاحي ادارن کي مدد ڪندي رهندي آهي. هن تنظيم شادي مراديءَ ۾ غيراسلامي ۽ فضول رسمن جي خاتمي لاءِ ڪيترائي سماجي ضابطا جوڙي ۽ عملي طور تي نافذ ڪري، تقريبن ۾ سادگيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون آهن. مرحوم جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ بہ ان جو چيئرمين رهي چڪو آهي. هن تنظيم جون سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ميمڻن تي مشتمل شاخون پڻ آهن جيڪي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي شعبن ۾ خير جا ڪم ڪن ٿيون.[1]

حوالا سنواريو

  1. "آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-26.  انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.